مانجهند لڳ ڪوئلي جي زمين تان هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل، 6 زخمي

0
24
مانجهند لڳ ڪوئلي جي زمين تان هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل، 6 زخمي
مانجهند لڳ ڪوئلي جي زمين تان هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل، 6 زخمي

مانجهند(ن پ ا) مانجھند ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز ۾ زمين جي مالڪي تان ھلندڙ پراڻي تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کنيو ٻنھي ڌرين وچم ڇڪتاڻ سبب ملھواڻي کوسا ڌر جا 2 ڄڻا فوت ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي اسپتال منتقل،خبر موجب مانجهند ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز جي تڪراري  ڪمپني واپڊا ڪول ۾ ڪوئلي جي زَمين جي مالڪيءَ تان ساکااڻي کوسا ۽ ملهواڻي کوسا ڌُرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار پوليس جي نااهليءَ سبب خوني شدت اختيار ڪري ڇَڏي ٻنهي تڪراري ڌُرين ۾ جهيڙو ٿيڻ سبب جهيڙي ۾ سڌي فائرنگ، لَٺين ڪهاڙين، لوهي سَرين ۽ پٿرن جي استعمال سبب ڪوئلي جي مزدوري ڪندڙ ملهواڻي ڌُر جا 2 ڄڻا 45 ورهين جو غلام علي کوسو، ۽ 30 ورهين جو ٿهيم ملهواڻي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويا جڏھن ته ساڳي ڌُر جا عيدن کوسو، خادم کوسو سميت 3 ڄَڻا شديد زخمي ٿي پيا، مارجي ويل پورهيتن ۽ زخمين جي وارثن ڪول مائنز ٿاڻي تان ليٽر وَٺي مارجي ويل جا مڙھ ۽ زخمين کي مانجهند تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ کانپوء اسپتال ۾ علاج جون سهولتون گهٽ ھُجڻ سبب زخمين کي حيدرآباد جي سول اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ضَروري ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪري لاش وارثن حَوالي ڪيا ويا، جهيڙي ۾ ٿيل نقصان جي اطلاع تي ملهواڻي ڌُر جا ماڻهو وَڏي تعداد ۾ مانجهند اسپتال پهچي ويا، مارجي ويل پورهيتن جي وارثن بابر عرف بريڙ ملھواڻي خادم ملھواڻي کوسو ٻُڌايو ته جهيڙو انڊس پوليس جي لاپرواهي ۽ نااهليءَ  سبب پيش آيو آھي انڊس پوليس وڏي عرصي کان هلندڙ تَڪرار کي ٿَڌو ڪرڻ لاء ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو، هُنن چيو ته اسان سان جهيڙيندڙ ڌُر جي ماڻهن جي مَٿان انڊس ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آھن پر پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار نه ڪَرڻ سبب هُنن اڄ بي خوف ٿي جهيڙو ڪرڻ بعد فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، ٻُڌايو پئي ويو ته جهيڙي ۾ ساکاڻي ڌُر جا  عباس کوسو شيرگل کوسو سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا  ٻئي پاسي انڊس پوليس جي روايتي سستي سبب ساکاڻي ۽ ملهواڻي ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو پڻ امڪان نَظر اچي رهيو هو جڏھن ته خبر بند ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،