بماڪو (م ڊ) مالي ۾ نائجر درياهه ويجھو فوجي اڏي ۽ هڪ ٻيڙيءَ تي حملي جي نتيجي ۾ ڪل 64 ڄڻا مارجي ويا آهن. عالمي خابرو اداري موجب مالي جي نائجر درياهه تي ٻه ڌار ڌار حملا ڪيا ويا. جن ۾ ٻيڙي تباهه ٿيڻ جي واقعي ۾ 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي  ويا جڏهن ته فوجي اڏي تي حملي ۾ 15 جي لڳ ڀڳ ماڻهو قتل ٿيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي به آهن. حممن جي ذميواري القاعده سان لاڳاپيل دهشتگرد تنظيم اسپورٽ گروپ فار اسلام اينڊ مسلمز قبولي ورتي آهي، جنهن گذريل مهيني تاريخي شهر ٽمبڪٽو جي ناڪابندي جو اعلان ڪيو هو.