اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاهور جو دورو ڪيو، چيف جسٽس پاران سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پڌرائي مطابق فيسليٽيشن سينٽر ۾ وڪيلن ۽ متاثرن کي ون وِنڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڪستان لاهور ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي آفيس جو دورو ڪيو. پڌرائي مطابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ لاهور برانچ رجسٽري ۾ آٽوميشن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ جديد نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس اعلان ڪيو ته سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪيو ويندو، جِتي وڪيلن ۽ عرضدارن کي ون ونڊو سهولت مهيا ڪئي ويندي. دوري دوران چيف جسٽس اهم اعلان پڻ ڪيو ته مالي مشڪلاتن جو شڪار عرضدارن کي سرڪاري خرچ تي وڪيل فراهم ڪيو ويندو، ۽ انهن کي ميجسٽريٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين مفت قانوني مدد مهيا ڪئي ويندي. چيف جسٽس وڪيلن جي ڪردار ۽ بار جي اهميت تي زور ڏيندي قانوني برادري کان سهڪار ۽ سڌارن ۾ ڀائيواري جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري سلمان منصور چيف جسٽس جي دوري جي آجيان ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڊجيٽل ڪاميابين بابت پنجاب آءِ ٽي بورڊ پاران به چيف جسٽس کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي هن عدالتي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي انضمام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي زور ڏنو.