اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت مالي فراڊ ڪيس ۾ فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير فواد چوڌري جي خلاف مالي فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 10 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جو وڪيل قيصر امام ۽ مرزا عاصم بيگ عدالت ۾ پيش ٿيا. جج محمد سهيل چيو ته فرد جرم جي ڪارروائي شروع ڪريون ٿا. جنهن تي وڪيل قيصر امام چيو ته مون هاڻ ڪيس ورتو آهي. فائل ڏسڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. ان دوران فواد چوڌري طرفان بنا هٿڪڙي لڳائڻ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي جنهن تي سندس وڪيل دليل ڏيندي چيو ته فواد سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي ۽ وفاقي وزير به رهي چڪو آهي ان ڪري کيس هٿڪڙي نه لڳائي وڃي. جنهن تي جج چيو ته ڇا اهي سموريون شيون فواد چوڌري کي ٻين قيدين کان مٿانهون بنائينديون آهن؟ وڪيل چيو ته فواد چوڌري کي ڪڏهن منهن ڍڪي ته ڪڏهن هٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيو ويندو آهي هو هميشه ميڊيا جي هيڊ لائين بڻجندو آهي. فواد چوڌري کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويندو آهي. برصغير ۾ هٿڪڙي تذليل لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي جنهن تي جج چيو ته مان انهي معاملي کي ڏسي مناسب آرڊر جاري ڪندس.