پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جي ڏهين اجلاس واري معاملي تي صدر آصف زرداري کي خط لکي ڇڏيو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب وڏي وزير خط ۾ چيو آهي ته 25هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ قبائلي ضلعن کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪيو ويو، ضم ضلعن جي انضمام سان صوبي جي آبادي ۾ 57 لک ماڻهن جو اضافو ٿي ويو، پر وڏي تعداد ۾ آبادي ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪو خاص حصو ناهي ملي رهيو. خط ۾ وڏي وزير وڌيڪ لکيو آهي ته سمورن سول ادارن کي ضم ضلعن تائين واڌ ڏني وئي آهي، پر اين ايف سي ۾ حصو نه ملڻ سان انهن علائقن ۾ ترقياتي عمل ۽ امن استحڪام متاثر ٿي رهيو آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته قبائلي ضلعن سان ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي 25هين آئيني ترميم سان ٽڪراءَ آهي، ستين مالياتي ايوارڊ جي غيرآئيني غيرمنصفاڻي واڌ صوبائي حڪومت کي قبول ناهي. علي امين صدر کان مطالبو ڪيو ته وسيلن جي تقسيم ۾ ضم ضلعن جي عوام کي شامل ڪرڻ لاءِ ڏهين اين ايف سي جو اجلاس جلد سڏايو وڃي.