پشاور(م ڊ) لوئر دير ۾ يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جو پروفيسر شاگردياڻي کي هيسائڻ جي الزام ۾ گرفتار، انتظاميا موجب شاگردياڻي پاران پروفيسر خلاف شڪايت درج ڪئي وئي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پروفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، شاگردياڻي دانهيو ته پروفيسر ڪيترن ئي مهينن کان کيس هيسائي رهيو آهي، جوابدار کيس گهر مان اغوا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، يونيورسٽي انتظاميا گرفتار پروفيسر کي معطل ڪري ڪيس هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، ڪي پي جي وڏي وزير به معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ورتي، ڪميٽي کي 15 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.