ماضي وسارڻ ۽ درگذر جا ڀاشڻ

0
128
سنڌ، جتي اڌ آباديءَ کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي!
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

اسان جو الميو اهو آهي ته هتي جن فيصلن جي ڪري ملڪ کي نقصان پهتو، تباهي جي انهن ذميوارن کان ڪڏهن به پڇاڻو ناهي ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو هر غير قانوني عمل انهن کي ڦٻندو رهيو آهي. انهن جو ڪوبه احتساب نٿو ٿئي. جڏهن احتساب جا ڪي امڪان پيدا ٿين ٿا ته هن ملڪ جي سياستدانن جي صفن مان آواز اٿڻ شروع ٿي وڃن ٿا ته، “مَٽي پائو”. جنهن جو مطلب آهي ته درگذر ڪري ڇڏيو. هتي ڪنهن چونڊيل وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪري ان کي جيل ۾ واڙيو وڃي ٿو يا وري ملڪ مان تڙڻ لاءِ جهاز جي سيٽن سان ٻڌي ٻاهر موڪليو وڃي ٿو ته ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به جڏهن ووٽ کي عزت ڏيڻ جي بيانئي کي عزت ڏيڻ جا موقعا ميسر ٿين ٿا ته اقتدار جي آسري ۾ ان بيانئي تان هٿ کڻي فيصلو الله تي ڇڏڻ وارو بيانيو اختيار ڪيو وڃي ٿو. هن وقت جڏهن عدالت عظميٰ به اهو سوال اٿاريو آهي ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ ته سياستدانن وري درگذر جو درس ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو ئي بيان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو پڻ سامهون آيو آهي، جنهن فيض آباد ڌرڻي ۽ ماضيءَ کي وساري اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

‘حال’ ته ڪجهه به ناهي ۽ هڪ گهڙيءَ جي گذرڻ کانپوءِ ان کي ‘ماضي’ ٿيڻو آهي ۽ ماضي وسارڻ جي ڳالهه جيڪڏهن ايئن ئي ٿيندي رهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ قاعدا قانون ۽ اصول ٽوڙيندڙن کي سڀ ڪجهه ڦٻي ويندو. احتساب ۽ پڪڙ نه ٿيڻ جي ڪري هي ملڪ هن حالت تي پهتو آهي. اقتدار ڌڻين جي غلط پاليسين جي ڪري پنهنجي قيام جي 24 سالن ۾ هن ملڪ جا ٻه حصا ٿي ويا پر ان لاءِ ذميوار ڪير هو، ان جو ڪوبه احتساب نه ٿيو. ايتري قدر جو حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ به لڪائي وئي ۽ اهي ئي ڀاشڻ ٻڌڻ لاءِ ملندا رهيا ته ماضي وساري اڳتي وڌو. پوءِ ماضي وساري جڏهن هي ملڪ اڳتي وڌيو ته چونڊيل وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ان جو عدالتي قتل ڪيو ويو، 11 سالن تائين هن ملڪ آمريت کي ڀوڳيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جا سمورا ادارا تباهه ٿي ويا. نيٺ زمين تي ته ان جو فيصلو ڪونه ٿيو پر جڏهن فضائن ۾ فيصلو ٿيو، تڏهن هي ملڪ آمريت کان آجو ٿيو. پوءِ وري چيو ويو ته جن جو به ان تباهي ۾ ڪو حصو پتي رهيو آهي ته ان کي وساري اڳتي وڌو. خير وسارڻ ۽ درگذر جو نيڪ ڪم ڪيو ويو ته پوءِ هڪ چونڊيل وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪري ان کي اقتدار کان هٽائي قيد ڪيو ويو ۽ پوءِ ٻاهرين مداخلت تي کيس پرڏيهه روانو ڪيو ويو ۽ آخر تائين کيس اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته کيس ڇو ڪڍيو ويو آهي ۽ هو چوندو رهيو ته، “مجهي ڪيون نڪالا؟” ٻي اڳوڻي عورت وزير اعظم کي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سڄو ملڪ ڪاوڙ ۾ ٽانڊا ٿي ويو پر درگذر جي داعين ماضي وسارڻ جا ڀاشڻ ڏنا ۽ پوءِ ڪاوڙ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ بدران سوڳ ۾ بدلائي ماضيءَ کي وساريو ويو ۽ اهڙي نموني سان ذميوار قرار ڏنلن کي گارڊ آف آنر ڏيئي محفوظ رستو ڏنو ويو. 2018ع ۾ عمران خان پراجيڪٽ مڙهي ملڪ کي تباهيءَ جي تحت الثريٰ ۾ پهچايو ويو پر ان جي ذميوارن کان به ڪو پڇاڻو نه ٿيو ۽ ماضي وسارڻ جا ڀاشڻ ڏنا ويا. سوال اهو آهي ته ڪيستائين ماضيءَ کي وساريو ويندو؟

ايستائين غلط فيصلن ذريعي هن ملڪ ۾ ايندڙ تباهيءَ جي رستي روڪ نه ٿي سگهندي، جيستائين ان جي ذميوارن کي احتساب جي دائري ۾ آڻي سزا تائين نٿو پهچايو وڃي. هر ڀيري جيڪڏهن انهن تباهي آڻيندڙن کي فرار جو رستو ڏنو ويو ته انهن کي هر شيءِ ڦٻي ويندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته احتساب کان ڪنهن کي به استثنا حاصل نه هجڻ گهرجي. هڪ پرڏيهي چوڻي آهي ته قانون به موت وانگر هجڻ گهرجي، جنهن کان ڪنهن کي به استثنا حاصل نه هجي.