باقو(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ماس ريسلنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان چوٿون ميڊل کٽي ورتو. پاڪستان جي محمد عاصم 75 ڪلو گرام ڪيٽيگري ۾ چاندي جو ميڊل پنهنجي نالي ڪيو. ازبڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپئن شپ ۾ اهو پاڪستان جو چوٿون ميڊل آهي. ان کان اڳ طلال انصر به چاندي ۽ زين عمر ۽ عمران افضل پتل جا ميڊل حاصل ڪيا هئا.