ماسيءَ جي نانءُ!

0
165
ماسيءَ جي نانءُ!

 ماسيءَ لفظ جڏھن منهنجي قلم جي وات مان نڪري اخبار جي ڀاڪر ۾ پهچي چُڪو آھي ۽ هينئر جڏھن گرم گرم چانھه جو ڪوپ، توهان جي هٿ ۾ آھي ۽ اخبار جهولي ۾ رکي جيئن توهان هي ڪالم پڙھڻ ويٺا آھيو ته توهان جي اکين ۾ ڪالم جو عنوان اچي ويھي رهيو آھي. تڏھن توهان کي سڀ کان پهرين ان ماسيءَ جي ياد اچي رهي آھي جيڪا توهان جي  ماءُ جي سَڳي ڀيڻ آھي ۽ جيڪا ڏاڍي پيار مان پٽون پاراتا ڏيندي آھي ۽ هن جي “مُئا” لفظ ۾ محبت مُرڪندي نظر ايندي آھي، اها ماسي جيڪا ناناڻي وڃڻ وقت مکڻ گهٽ ڏيندي آھي ۽ مَرين وڌيڪ چوندي آھي، اها ماسيءَ جنهن ۾ ماءُ جو واس ايندو آھي.پر معاف ڪجو يارو هي ماسيءَ اها ماسيءَ ناهي!  ڪڏھن ڪڏھن هن غيرمحفوظ سماج ۾ لفظ افسوسناڪ خبر جيان انسانن تي ايئن ڪرندا آھن جيئن اڱڻ ۾ بيٺل ٻوٽي تي گهر جي ڪچي ڀت ڪرندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن وڻ هيٺيان پيل کٽ سان ٻڌل لوڏ ۾ سُتل ٻار تي وڻ جو ٽار ڪري پوندو آھي. هي ماسيءَ لفظ هن سرمائيداراڻي شھري نظام ڄڻيو آھي، جنهن مان هو پوري چالاڪيءَ سان ڪم وٺي وڏي  ايمانداري سان نفرت ڪري ٿو. هي ان ماسيءَ جي ڳالهه آھي جيڪا بنگلن ۾ پرائي ٿانوَن کي ترتيب سان رکندي آھي، هي ان ماسيءَ جي ڳالهه آھي جيڪا بنگلي جي فرش کي پيار ۽ پاٻوھه مان پوچو هڻندي پنهنجا پير سوچي سمجهي رکندي آھي متان مالڪياڻي ڏسي نه وٺي ۽  دڙڪا نه ڏي. ماسيءَ هن سماج جي اها واحد مزدور آھي جنهن لاءِ موڪل لفظ اجنبيءَ  آھي، ماسيءَ…  ها گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري ماسيءَ، رڌڻي جا ٿانوَ ڌوئندڙ ماسيءَ، ڪچريدان جو ڪچرو ٻاهر اُڇلي اچڻ واري ماسي، پاڻي جو ڪولر ڀرڻ واري ماسيءَ، مشين ۾ ڪپڙا ڌوئڻ واري ماسيءَ، واشروم کي ٻھارو ڏيڻ واري ماسيءَ. زندگي رڳو ڪم ڪار جو نالو ته ناهي نه زندگي ته احساسن ۽ جذبن جي اظھار جو نالو به آھي! وڏا وڏا قتل ڪندڙ مجرمن کي به عدالت ڦاسيءَ ڏيڻ کان اڳ آخري خواهش جو پڇندي آھي پر ماسيءَ جي سڄي حياتي سماجي ناانصافي جي ڦاسي گهاٽ تي لٽڪيل هوندي آھي پر ڪير به هن کان آخري خواهش ناهي پڇندو، جيڪڏھن ڪير پڇي ته اهو ئي جواب هوندو ته مون کي بس هڪ ڏينهن جي موڪل کپي هفتي ۾ بس هڪ ڏينهن جي موڪل…!!!

ماسيءَ جنهن جي زندگي گهاٽي جهنگل جهڙي آھي جنهن ۾ روز انسان نما بگهڙن جا داٻا ۽ دڙڪا ملندا آھن.  ماسيءَ جنهن جي زندگيءَ هزارن جي نگاهن جي گهيري ۾ هوندي به تنھا هوندي آھي! پاڻ ڳالهه پيا ڪريون ان ماسيءَ جي جنهن جي زندگيءَ بدصورتي ۽ بدحاليءَ جي ڪري تنھاين ۽ ڀوڳنائن جي پٽڙين تي؛ گذريل ڏينهن جي اخبار جيان اُڏرندي رهي آھي. ماسيءَ جنهن جي ٻن اکين مٿان پاڻ جھڙو دماغ آھي ۽ جنهن جي سُڪي ويل کاٻي ارھه هيٺيان ليڙون ليڙون ٿيل دل آھي جنهن کي ڪنهن به آٿت جي ڪا به چَتي ناهي لڳل. اُن ماسيءَ کي ڪپڙن بدران اهو خوف پاتل هوندو آھي ته متان ڪم مان ڪڍي نه ڇڏين. هوءَ معصوميت سان جهنجهيل حياتي کڻي بنگلي ۾ داخل ٿيندي آھي ۽ اکيون ٽوڀا ڪري ٻاهر نڪرندي آھي. انهن اکين ۾ وڏن بنگلن جا ڪيئي راز لڪيل هوندا آھن، جيڪي کُلي پون  ته وڏن وڏن وڏ گهراڻن جا اخلاقي بُرج لُڏي پون پر هو بنگلي کي گهر سمجهندي آھي ۽ گهر جي ڳالهه ٻاهر ڪرڻ کي هوءَ اوگهڙ سمجهندي آھي. ان ماسي تي بنگلي جي مالڪ جو حُڪم هڪڙو، ان جي پٽ جو ٻيو، نونهن جو ٽيون ۽ سندس ڪجل سان ڪڪوريل اکين واري فيشني برگر ڇوڪريءَ جو ٽيون دڙڪي سان گڏ حُڪم هوندو آھي.

۽ جڏھن ڪا خوبصورت ڇوڪريءَ ڪم ڪندڙ ماسيءَ کي دڙڪو ڏيندي آھي ته حُسن شرمسار ٿي پنهنجي موجودگيءَ تي پڇتائيندو آھي. ماسيءَ جنهن جو ذڪر ڪنهن به ليبر ايڪٽ ۾ ناهي، ڇاڪاڻ جو هو ڪمپني بدران نجي گهرن ۾ ڪم ڪندي آھي. ماسيءَ رڳو وڏن شھرن ۾ ڪم ناهي ڪندي ماسي ننڍن ڳوٺن جي وڏن زميندارن جي گهرن ۾ به مينهن کي بوھه ڏيندي آھي، ڇيڻو کڻندي آھي، ڪاٺيون ڪندي آھي ۽ پوچو ڏيندي آھي. ڳوٺن جي وڏيرن کان وٺي شھرن جي سرمائيدران تائين ماسي جي زندگيءَ جي آسمان ۾ رڳو درد جي دونهن جا بادل آھن ۽ ڌرتيءَ ڪچن ڪاون واري راهه بڻيل آھي، ماسيءَ جيڪا اسر جو بنگلي ۾ داخل ٿيندي آھي ۽ انڌيري ۾ واپس موٽندي آھي ۽ پويان هلڪيءَ چانڊوڪي جي خمار جھڙا ٻچا ان آس سان هوندا آھن ته امان بچيل سچيل ڪجهه ڀت ڳڀو آڻيندي پر جڏھن ڪجهه به ناهن ڏسندا هٿن ۾ ته اُڀ ڏي اکيون ڪري  بي قدري جي اماس راتين ۾ اکين مان لُڙڪ ڇاڻي سُڪل ڀورا کائي سمهي پوندا آھن!!هُن کي پگهار هن جي پورهيي جي چوٿين حصي جيتري به ناهي ملندي ۽ هن کان ڪم هن جي جسماني سَت جي ستين حصي کان مٿي ورتو ويندو آھي. مالڪ جڏھن به چاهيندو آھي ان کي بس “ڪل سي نهين آنا” چئي روانو ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پوءِ هو پنهنجي چُنري جي ميلي ڪنڊ سان سمنڊ بڻيل اکين جي ڪنارن کي اُگهيندي بنگلن جا در ان اميد سان کڙڪائيندي آھي ته من هي رکن ڪم لئه من هو رکن۔۔۔۔ هي ته پڪو رکندا۔۔۔ هو ته پڪو رکندا…!!! ماسيءَ جنهن جي زندگي ۾ درد اچڻ لاءِ ٺُڪ ٺُڪ ناهي ڪندو پر هو گهر جي ماسي ٿيڻ لئه هر در تي ٺُڪ ٺُڪ ڪندي آھي. ان ماسي بابت قانون ڪڏھن ٺھندو؟ ان ماسي جون ڳالهيون اخباري پاليسي ڇو ٿي چٻاڙي وڃي؟ ان ماسيءَ جي بنگلي جي نيڪاليءَ تي ڪا تحريڪ ڇو نٿي جنم وٺي؟ ان ماسيءَ جي حقن جي قانونسازي لاءِ اسيمبلين جا مست الست نمائيندا ڪو قانون ڇو نٿا ٺاهن هوءَ سوچي ٿي هر پل … هر گهڙي… ته کڻي آئون انسان ناهيان ھُن سان انسان سمجهي ورتاءُ ڪيو وڃي اهو ته تصور به نٿو اچي پر هن کي مزدور هجڻ جو احساس آھي ۽ هن کي ڏُک آھي ته مزدورن جا ايڪٽ آھن، مزدورن جا رائيٽ ۽ ڊيوٽيون آھن،  پر منهنجيون رڳون ڊيوٽيون ڇو آھن؟ سوال هن جي دماغ تي عقاب جيان لامارا ڏيندا رهن ٿا، ماسيءَ جي ڳوڙھن کي جيڪڏھن آواز هجي ها ته هر روز هزارن جون ننڊون ڦٽن ها، پر حُڪمرانو ٺاهي وٺو ماسيءَ جو ڪو قانون. وٺو ڪو سوموٽو ماسيءَ جي نيڪالي جو متان ايئن نه ٿئي جو انهن هزارين ماسين جا ڳوڙھا آواز بڻجي پون ۽ هزارين ماسيون ٻاهر نڪري پوچا کڻي فرش بدران حُڪمرانن جي منهن تي اچي ملن.