ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويٽنگ اميدوارن جو انتظار ختم، هاڻي ڪو به ويٽنگ اميدوار پي ايس ٽي يا جي اِي ايس ٽيز طور ڀرتي ٿي نه سگھندو. ان ڏس ۾ تعليم کاتي جي اختيارين پاران سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ آءِ بي اي ٽيسٽ تحت ڀرتين وارو مُدو 30 جون تي مڪمل ٿي ويو،جنهن بعد ويٽنگ ۾ ويٺل هزارين اميدوار ڀرتين واري ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويا آهن. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين پاران واضح ڪيو ويو آهي ته هاڻي مُدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. استادن جي وڌيڪ پوسٽن تي ڀرتين لاءِ نئين ٽيسٽ ڪرائي ويندي.