ماسترياڻيءَ شاگردياڻيءَ سان شاديءَ لاءِ جنس تبديل ڪرائي ڇڏي

0
329
ماسترياڻيءَ شاگردياڻيءَ سان

راجسٿان (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ ماسترياڻي پنهنجي اسڪول جي ئي شاگردياڻي سان شادي لاءِ پنهنجي جنس تبديل ڪرائي ڇڏي

ڀارتي رياست راجسٿان جي هڪ اسڪول جي ماسترياڻي ميرا کي شاگردياڻي ڪلپنا سان محبت ٿي وئي ۽ پنهنجي محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماسترياڻي جنس به تبديل ڪرائي ڇڏي

جنس جي تبديلي کانپوءِ اسڪول ٽيچر ميرا پنهنجو نالو آروو ڪنتل رکيو ۽ ڪلپنا سان شادي ڪري ورتي. شادي جي تقريب ۾ جوڙي جي گهرڀاتين به شرڪت ڪئي

آروو ٻڌايو ته ڪلپنا سان اسڪول جي راند جي ميدان ۾ ملاقات ٿي ۽ ٿورڙي ڳالهين بعد اسان ٻئي هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ لڳاسين. اسڪول جي ماسترياڻي ميرا هاڻي آروو بڻجي چڪو آهي سندس چوڻ آهي ته کيس شروع کان محسوس ٿيندو هو ته مان ڇوڪري نه پر ڇوڪرو آهيان ان لاءِ پهريون ڀيرو مان 2019 ۾ پنهنجي سرجري ڪرائي

ٻئي پاسي ڪلپنا جو چوڻ هو ته مون کي پهرين نظر ۾ ئي آروو سان پيار ٿي ويو هو جيڪڏهن هو پنهنجي جنس تبديل نه ڪرائي ها تڏهن به ساڻس شادي ڪريان ها