سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ صوبي جون مارڪيٽ ڪاميٽيون خساري جي ورچڙهيل، ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ مسئلو بڻيل، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ  ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذارن جي وڪيل عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود چيف سيڪريٽري مارڪيٽ فيس شيڊيول روائيز ڪرائڻ واري حڪم تي عملدرآمد ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڊيفالٽ ڪارخانن مان اسسٽنٽ ڪمشنرن ذريعي مارڪيٽ فيس وصولي واري رپورٽ جمع ڪرائي آهي، سنڌ مارڪيٽ ڪاميٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي صدر حامد علي سهتو، جنرل سيڪريٽري طارق اڪبر، نثار احمد اوڍو ۽ ٻين طرفان مارڪيٽ ڪاميٽي فيس گهٽ مقرر ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ٻه رڪني آئيني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذارن جي وڪيل سهيل کوسو دليل ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽر کي ڏنل ڊائريڪشن باوجود سيڪريٽري زراعت پرائيس ڪنٽرول بيورو آف سپلاءِ طرفان مارڪيٽ فيس جو شيڊيول روائيز ناهي ڪيو ۽ عدالت طرفان ڊيفالٽ ڪارخانن مان اسسٽنٽ ڪمشنرن ذريعي مارڪيٽ فيس اوڳاڙي ڪرڻ واري ڏنل حڪم تي پڻ عمل ناهي ڪيو ويو، جيڪو توهين عدالت ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن تي عدالت ناراضگي جو اظهار ڪيو، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي مارڪيٽ ڪميٽي فيس جو شيڊيول روائيز ڪرڻ واري ڏنل حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ سميت ڊيفالٽ ڪارخانن مان اسسٽنٽ ڪمشنرن ذريعي مارڪيٽ فيس وصول ڪرائي 11 اپريل تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.