اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مارچ 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح 0.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، گذريل سال اها شرح ساڳئي مهيني ۾ 20.7 سيڪڙو هئي. هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 6 ڏهاڪن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، هن سال رمضان جي مهيني دوران مهانگائي جي شرح گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سڀ کان گهٽ رڪارڊ ڪئي وئي. مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن جو ثبوت آهي. مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي به مثبت اثر پئجي رهيا آهن. مهانگائي ۾ گهٽتائي جا ملڪي معيشت تي آهستي آهستي مثبت اثر پئجي رهيا آهن، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.