اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته مارچ ۾ روس کان پاڪستان ۾ سستو تيل اچڻ شروع ٿي ويندو، مارچ ۾ تمام ڪمرشل ڊيلس تي صحيحون ٿي وينديون، ايندڙ سياري جي موسم لاءِ روس سان ايل اين جي جو معاهدو ڪيو ويندو، گيس قيمتن ۾ اضافي کان غريب صارفين کي تحفظ ڏنو ويندو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري تي اسان ڪيس داخل ناهي ڪرايو، اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪي ڏني وئي هئي انهن ڪيس داخل ڪرايو، مان پهريان چئي چڪوآهيان ته غداري ۽ بغاوت جا ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجن، اگر ڪنهن غلط ڪم ڪيو آهي ته آئين تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته انتشار سبب ملڪ اڳتي نه وڌي رهيو آهي، عمران خان چوي ٿو ته مان کيڏندس نه ته ڪوئي به نه کيڏندو، عمران خان جي ٽارگيٽ تي ان جا پنهنجا دوست به آهن، جيڪو شخص به قابل گرفت آهي اهو گرفتار ٿيڻ گهرجي.