اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي
هن چيو ته حڪومت لانگ مارچ بابت تحريڪ انصاف جي درخواست جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه تي به غور ڪيو پيو وڃي ته سندن نيت صاف آهي يا نه، ڇو ته سندن ماضي جو رڪارڊ سٺو ناهي
راڻا ثناءُ الله چيو ته 4 نومبر تي جلسي ۽ ڌرڻي جي اجازت گهري وئي آهي، جيڪڏهن اسان کي يقين ڏياريو وڃي ته اسان انهن کي اجازت ڏينداسين
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو پرامن رهندا ۽ آئين جي پاسداري ڪندا ته کين اجازت ۽ تحفظ ڏنو ويندو
راڻا ثناءُالله چيو ته صحافي ارشد شريف جي قتل جا پيرا عمران خان ڏانهن وڃن ٿا، هي شخص پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو
ھي به پڙھندا
ارشد شريف جي معاملي تي ڪنھن به فورم تي گھرايو وڃي، تفصيل سامھون آڻيندس: عمران خان
اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون: ڊي جي آءِ ايس پي آر