ڪجھه ڏينھن اڳ، شايد فبروري جي آخري تاريخن ۾ جهول ويجھو جمڙائو ڪئنال مان ڪن ماڻھن ھڪڙو واڳون ماريو ۽ ان جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي.
وڊيو ڪلپ ڪجھه سيڪنڊن جي ھئي جنھن ۾ ان واڳون جو ڌڙ ته ظاھر ٿئي پيو پر منھن وارو پاسو صحيح نموني ڏيکاريل ڪونه ھو، بس ھڪڙي جھلڪ ۾ سندس منھن ظاھر ٿئي پيو. بار بار وڊيو ڪلپ ڏسڻ کان پوءِ مونکي شڪ ٿيو ته مارجي ويل جانور واڳون نه پر سيسر آھي جنھن جي باري ۾ سرڪاري ادارن جو موقف آھي ته 1980ع کان پوءِ سيسر سنڌ مان بلڪل ناپيد ٿي چڪا آھن. سرڪاري دعوائن جي برعڪس مقامي آبادي ۽ ڪن شڪاري دوستن پاران زباني ڪلامي شاھديون ملنديون رھن ٿيون ته سيسر اڃان تائين نارا درياءَ ۽ ان جي شاخن ۾ ڪٿي ڪٿي موجود آھن. ان شڪ جي بنياد تي مان اھا وڊيو ڪلپ فيس بوڪ تي موجود وائلڊ لائيف جي ٻن گروپن ۾ شيئر ڪئي ۽ انھن کان سڃاڻپ لاءِ ماھراڻي راءِ طلب ڪئي. اتي به سڀني جي راءِ ورھايل آئي، ڪن جو چوڻ ھو ته واڳون آھي پر ڪن جو اھو به چوڻ ھو ته نه ھي واڳون ناھي پر سيسر آھي جنھن کي اردو ۽ انگريزي ۾ گهڙيال سڏيندا آھن.
مان اتان جي ڪجھه مقامي دوستن کي به عرض ڪيو ته يار پنھنجي ڃاڻ سڃاڻ وارن ماڻھن سان رابطو ڪريو ۽ جاچ لھو متان ڪنھن ان جانور جون صاف ۽ واضع تصويرون ورتيون ھجن جن مان ھن جي درست سڃاڻپ ۾ مدد ملي سگھي پر ان جو به اُن واقت تائين ڪو نتيجو ڪونه نڪتو.
سنڌ ۾ جھنگلي حيات جي تحفظ لاءِ سنڌ وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ موجود آھي. ان کان علاوه ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ ۽ آءِ يو سي اين جھڙا عالمي ادارا ملڪي سطح تي جهنگلي حيات بابت معلومات جمع ڪرڻ لاءِ موجود آھن. پر افسوس ٿو ٿئي ته ايترا سارا ادارا ھجڻ جي باوجود ڪنھن به ان واقعي ڏانھن ڌيان ڪونه ڏنو. ٿيڻ ته ائين کپندو ھو جو ان مئل جانور جو لاش وائلڊ لائيف اختيارين وارا پنھنجي تحويل ۾ وٺن ھا ۽ ان جي پوري جاچ پڙتال ڪن ھا ته مارجي ويل جانور پڪ سان واڳون آھي سيسر؟ جن ماڻھن ان بيگناھه جانور کي ماريو انھن جي خلاف وائلڊ لائيف قانون تحت ڪيس داخل ٿئي ھا ۽ ان کان وڌيڪ ان ڳالھه جي ضرورت ھئي به ۽ آھي به ته مقامي ماڻھن ۾ اھا ڄاڻ پيدا ڪئي وڃي ھا ته سنڌ مان ناپيد ٿيندڙ جانورن کي ماريو نه وڃي بلڪه جيڪڏھن ڪنھن کي انھن مان خوف پيدا ٿئي ٿو ته انھن جي موجودگي جو اطلاع سرڪاري ادارن کي ڏين ته جيئن اھي وقت سر ڪاروائي ڪري انھن جانورن کي اتان پڪڙي ڪنھن ٻئي محفوظ ھنڌ منتقل ڪري سگھن. پر اسان وٽ ائين ٿئي ڪونه ٿو. نه ادارا پنھنجو فرض ادا ٿا ڪن ۽ نه ئي اسان ناياب ٿيندڙ جهنگلي جانورن جي حفاظت ٿا ڪريون.