بدين/شادي لارج/ نئون ڪوٽ/ڪلوئي(نمائندن وٽان) شادي لارج ۾ ناري مائٽن مبينا طور زهر ڏئي ڇڏيو، اسپتال داخل خبر موجب ٿرپارڪر ضلعي جي ڪلوئي ڀرسان  ڳوٺ ڪمهالو هالو جي رهواسڻ 20 ورهين جي ناري ساجده ڌي غلام مصطفيٰ نهڙيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين جي انڊس اسپتال آندو جتي ناري کي زهر پيتل هجڻ جي ڊاڪٽرن تصديق ڪندي فور طور تي معدي کي واش ڪري زهر ڪڍڻ بعد سندس زندگي کي بچائي ورتو آهي، ناري هوش ۾ اچڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي  ناري ساجده هالو الزام هڻندي چيو آهي ته مائٽن مرضي سان پھرين منهنجو سڱ ڏنو، بعد ۾ نڪاح واري رات اٿاري زهر ڏئي ساڳي اسپتال ۾ وٺي آيا، اڳ به اتان جي پوليس کي بيان ڏنو پر پوليس رشوت عيوض ماٺ رهي، ڪو تدارڪ نه ٿيو ۽ مائٽن پنج مھينن تائين مونکي قيد ڪري رکيو، هاڻي وري ٻيهر مونکي منهنجي مامي هاشم هالو، پيءُ غلام مصطفي ۽ ڀاءُ ممتاز مونسان ظلم ڪيو، مونکي زهر ڏنو آهي، هوڏانهن ذريعن موجب جو چوڻ آهي ته ناري کي مبينا طور زهر ڏيڻ بعد بدين جي اسپتال آندو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت م حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنج مهينا اڳ  ناري جي عمران هالو نالي نوجوان سان شادي رٿيل هئي، جنهن تي ڇوڪري جي مامي کي اعتراض هو، جنهن نڪاح واري رات ڇوڪري تي تشدد ڪري گم ڪيو هو، جيڪا يڪو قيد ۾ هئي، جتي ناري پاران مطالبا تسليم نه ڪرڻ تي کيس ٻيهر مبينا طور زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،حد جي ڪلوئي پوليس مبينا رشوت عيوض معاملي کي دٻائي رکيو جنهن جي ڪري ناري ڪيترا مهينا مائٽ قيد ڪري تشدد ڪندا رهيا، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ناري جي وارثن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو ٿي نه سگهيو، ٻئي پاسي ڪلوئي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسانکي کي ڪالھه بدين جي انڊس اسپتال مان فون آئي جنهن بعد جاچ شروع ڪري ڏني آهي پر ناري هٿ ناهي آئي، جڏهن ته ناري جي ڀاءَ سان مليا آهيون جنهن جو چوڻ آهي ته ناري سندس ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ بدين ويل آهيون اهڙو ڪو معاملو ناهي. ٻئي طرف ناري جي پيءُ غلام مصطفيٰ جو چوڻ آهي اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڌيءُ ڪوڙا الزام مڙهي رهي آهي.