ٿر جي لوڪ ڏاهپ هڪڙو وسيع سمنڊ آھي، جنهن کي هڪ اڌ مضمون ۾ سمائڻ ڏاڍو مُشڪل آھي، پر تنهن هوندي به اسين ڪوشش ڪنداسين ته اُن جي ڪن اهم پهلوئن تي ڳالهائجي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ هڪڙي سوشل سائنس آھي، جنهن ۾ روز مره جي زندگيءَ گُذارڻ جي حوالي سان ڪيئي اهم پهلو شامل آھن. اُن لوڪ ڏاهپ تي سون تي سُهاڳي مثال چارڻ ڪَوين ڪم ڪيو آھي، جن پنهنجن ڪَوتائن وسيلي ڏاهپ جا اهڙا ڏس ۽ گس ڏنا آھن جيڪي اڄ به ٿر جي ڪچهرين ۾ گُفتن جي رُوپ ۾ گُونجن ٿا. اڄ به ٿر ۾ گهڻي ڀاڱي اها لوڪ ڏاهپ مروج آھي، جيڪا چارڻ شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ امرت وانگي اوتي هُئي. اُھا صدري ساھتيه وسيلي نسل در نسل هلندي اچي. جيڪا سُگهڙن جي سينن مان ٿيندي ڌنارن جي دلين تائين پهتي آهي. زمانن جي ان طويل سفر ۾ اها ڪٿي به زنگجي ناهي. اڄ به چوويهه قيراط هيم وانگي هر سُگهڙ جي چپن تي چمڪي پيئي. اها مارواڙي شاعري جنهن ۾ لوڪ ڏاهپ شامل آھي، تنهن کي ماڻهو مثال طور ڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪو رول ماڻهو ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ڦڏو فساد ڪندي، گلا غيبت ڪري ٿو، ته هيءُ دُوهو مثال طور ڏيندا آھن؛
رول وِگاڙي راج ني، مول وِگاڙي مال
سني سني سردار ري، چُغل وِگاڙي چال
(رول ماڻهو راڄ ڦٽائيندو آھي. مُلهه مال ڦٽائيندو آھي. مثال طور مال جو اگهه سُٺو هوندو ته ڀاڳئي جي دل وڪرو ڪرڻ چاهيندي، ڀاڳيو روڪڙن جي لالچ ۾ مال وڪرو ڪندو ويندو ائين آھستي آھستي مال تباھ ٿي ويندو. وٿاڻ ويران ٿي ويندا. سردار وٽ چُغل خوري ڪندو ته سردار جو به دماغ خراب ٿيندو ان جي چال ڦٽندي).
جيڪڏھن ڪو نيڻي نَڪي ڏٺي جو بُڇڙو آھي، ته هيءُ دُوهو ڏيندا آھن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته رُوپ مالڪ وٽان مقدر ۾ ئي ملندو آھي.
سونا وايا نه نيپجي، موتي نه لاگي ڏال
رُوپ اُڌارا نا ملي، ڀُوليو ڦري جمال
(سون پوکڻ سان ناهي ٿيندو. موتي وڻ جي ڏار ۾ ناهن لڳندا. سُونهن به اُڌاري ناهي ملندي اي جمال! تُون جڳ ۾ ڀُليو پيو ڦرين).
جيڪڏھن ڪنهن جي سس مري ويندي آھي ته چوندا آھن ته اُن جي ساهوراڻي ڏِس سُڃي ٿي ويئي آھي، اُن جي لاءِ هيءُ دُوهو مثال طور ڏيندا آھن؛
ڪَنت بن ڪائين ڪامڻي، سرور بن ڪائين نير
ساس بنان ڪائين ساسرو، کانڊ بنان ڪائين کير
(وَر کان سواءِ زال ڪھڙي، تلاءِ کان سواءِ پاڻي ڪهڙو، سس کان سواءِ ساهورا ڪهڙا، کنڊ کان سواءِ کير ڪهڙو؟)
ڪڏھن ڪڏھن ٿر جي عام ڪچهرين ۾ عقل جي ڳالهه نڪرندي آھي، ته ٿر جا سُگهڙ دليل طور يڪدم هيءُ دُوهو ڏيندا آھن جيڪو عقل جي ڪَسوٽيءَ تي مُنڊيءَ تي ٽِڪ وانگي ٺهي بيهي ٿو.
چَندڻ ري چُٽڪي ڀلي، گاڏو ڀلو نه ڪاٺ
چاتر تو ايڪج ڀلو، مُورک ڀلا نه ساٺ
(ڪاٺ جي گاڏي ڀريل هُجي اُن کان چَندن جي وڻ جي هڪڙي ڪاٺي به ڀلي، بي عقل ماڻهن جي هُجوم کان عقلمند هڪڙو ئي ڀلو آھي).
ڪڏھن ڪڏھن ڪٿي ڪو پئسي ۽ پاور جي نشي ۾ اچي ڪو ظُلم ڪندو آھي. ڪنهن مسڪين ماڻهوءَ سان نسورو ناحق ڪندو آھي ته اُن جي لاءِ به ٿر جا ڏاها ڏوڪرا ڏاهپ سان ڀريل هيءُ دوهو ڏيندا آھن ته؛
ڌَن جوڀن ار ٺاڪري، تڻ اوپر اَوويڪ
اي چارون ڀيلا هوئي، اَنرٿ ڪري انيڪ
(هڪڙو ڌن ٻيو جوانيءَ ۽ اڳواڻي، مٿان وري بي رحم، اهي چارئي شيون جنهن کي گڏ ملنديون آھن. اُهو انيڪ ظُلم ڪندو آھي. قدرتي طور اُن کان انيڪ انياءَ ٿي ويندا آھن).
ڪُوڙ، سچ، اَگهائي، سگهائي، بُرائي ڀلائي، پنهنجائي پرائي، قرض مرض، مُحبت وڇوڙو، دين ڌرم، عورت مرد جي وفا ۽ انا کان وٺي هر شيءِ جي پرک جي ڪَسوٽي جا طور طريقا انهن دوهن ۾ ڏنل آھن. اهي ٻِن سِٽن تي مُشتمل دُوها پنهنجي جوهر ۾ ايڏا ته وسيع آھن جو انهن جي عميق ۾ وڃي ماڻهو سوچي ٿو ته دماغ دنگ رهجي وڃي ٿو. صديون اڳ سرجيل ان شاندار ادب ۾ ايڏي ڏاهپ ڀري پيئي آھي جو ماڻهوءَ کي هن ايڪهين صديءَ ۾ به سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته واقعي انهن دُوهن ۾ دم خم آھي.
مارواڙي شاعري گهڻي ڀاڱي چارڻن جي ڪَٿيل آھي. چارڻ جيڪي پِنگل ۽ ڏِنگل (مارواڙي شاعريءَ جا ٻه اهم لهجا) ڪوي آھن. جن کي شاعريءَ جي ويڻ سگائي جي سُڌ هوندي آهي، چارڻ جيڪي نه رڳو ٻَھڳڻي ٻوليءَ جا چَتر ڪَوي آھن، پر اُهي لوڪ ڏاهپ جا اهڙا لافاني ڪردار آھن، جن جي شاهڪار شاعريءَ ۾ سماج جو آئين شامل آھي. چارڻن جي تخليق ۾ هڪڙي سِٽ به اهڙي نه هوندي، جنهن ۾ ڪونه ڪو سبق سمايل نه هُجي. انهن شاعري وسيلي سماج کي گُڻن جا ڀنڊار ڏنا آھن. عقل جي اُنهن اَڪابرن اهڙو ادب ڏنو آھي، جنهن ۾ ادب به آھي ته اخلاق به آھي. انهن جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به ڪا اهڙي سِٽ نه ملندي، جنهن ۾ ڪو ڪَچ هُجي. ڇاڪاڻ ته اهي سراپا سَچ هُئا. انهن سماج کي سَچ ۽ حَق تي هلڻ جا گهيڙ ۽ گس ڏنا آھن. چارڻن جي شاعريءَ رڳو تفريح ۽ وندر جو ذريعو ناهي، پر هن ۾ جڳ جي جياپي جون ڳالهيون شامل آھن. اچو ته اهڙي اهم شاعريءَ جو مطالعو ڪري ان مان ڪجهه فيض پرايون، ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته سماج ۾ جيئڻ جو ڏانءُ ڪهڙو آھي؟ ڪهڙا طور طريقا آھن جن وسيلي اسين هن سماج ۾ اوچي ڳاٽ جِئي سگهون ٿا.
نيند نه آوي تين جڻان، ڪهو سکي تي ڪياھ
پريت وڇوڙيا، ٻَهُو رِڻا، کُٽڪي وير هياھ.
(اي سکي! اُهي ٽي ڄڻا ڪهڙا جن کي ننڊ ناهي ايندي؟ اُھي هي آھن. هڪڙو محبوب جي وڇوڙي ۾ تڙپندڙ، ٻيو گهڻو قرضي، ٽيون جنهن جي من ۾ دُشمن کان بدلو وٺڻ جي باھ ڀڙڪندي آھي. انهن ٽنهي ڄڻن کي ننڊ ناهي ايندي).
لاجان سنپت پايي، لاجان موٽا مان
لاجان پکيڻان مانوي، جيان را لانٻا ڪان
(لڄ ڌن ۽ دولت کان مٿي آھي، جيڪي ماڻهو بي لڄا آھن اُنهن ۾ ۽ وڏن ڪنن وارن ۾ ڪوبه فرق ناهي. هتي وڏن ڪنن وارن مان مُراد آھي گڏھ).
ليهه نهين لجا نهين، نهين رنگ نهين راگ
تي ماڻس ام ڇڙيو، جم انڌاري ناگ
(جنهن کي لڄ ۽ ليهه ناهي، جنهن وٽ نه رنگ آهي نه ڪو راڳ اُهو ماڻهو ڪاري نانگ مثل آھي).
رِڻ چڙھڻ، ڪنڪڻ ٻَنڌڻ، پُتر وڌائي چاوَ
اي تينون دن تياگ را، ڪهان رَنڪ ڪهان راوَ
(ميدانِ جنگ تي وڃڻ، وناھ وارو داڳو پير ۾ ٻڌڻ، ۽ پُٽ جي واڌائي ملڻ. اهي ٽيئي ڏينهن تياڳ جا آھن. مطلب ڪُجهه نه ڪُجهه ڏيڻ جا ڏھاڙا آھن. جنگ ۾ سِر، وڌائيءَ ۽ وناھ ۾ مٺائي وغيره کارائڻ، اهي ڏھاڙا راجا توڙي گدا لاءِ برابر آهن).
ڌرم جاتان ڌرا پلٽتان، تريا پڙتان تاوَ
اي تينون ڏِن مرڻ را، ڪهان رَنڪ ڪهان راوَ
(ڌرم، ڌرتيءَ ۽ عورت تي جيڪڏھن ڪو وار ڪري ٿو ته اهي ٽيئي ڏينهن مرڻ ۽ مارڻ جا آھن. پوءِ ڀلي راجا هُجي يا گدا).
ٺگ ڪاميتي، ٺوٺ گُر، چُغل نه ڪيجي سيڻ
چور نه ڪيجي پاهرو، برهسپتي را ويڻ
(ٺڳ ڪمدار نه رکجي، اڻ پڙھيو اُستاد نه ڪجي، ۽ چُغل خور ماڻهوءَ کي ڪڏھن به دوست نه ڪجي ۽ چور کي ڪڏھن به چوڪيدار نه ڪجي اهي برهسپتيءَ جا وچن آھن).
گهوڙان ڏُونڀر ڀادوو، ڀينسان ڏُونڀر جيٺ
مردان ڏُونڀر پيسڻو، ناري ڏُونڀر پيٽ
(گهوڙن جي لاءِ بڊي جو مهينو ڏُکيو هوندو آھي. مَينهُن جي لاءِ جيٺ جو مهينو ڏکيو هوندو آھي. مردن جي لاءِ جنڊُ تي اَٽو پيهڻ ڏُکيو هوندو آھي. عورت جي لاءِ پيٽ حمل ڏُکيو هوندو آھي).
واتان ريجهي واڻيو، راگان سُون رجپوت
وامڻ ريجهي لاڏوان، ٻالڪ ريجهي ڀُوت
(ڳالهين ۾ واڻيو راضي ٿيندو آھي. مثال طور ڪو گراهڪ ڪنهن واڻئي سيٺ کان بڊي ۾ ڪا شيءِ ڪَتي رکال کڻندو ته اُن کي ڳالهين ۾ راضي ڪندو تڏھن ڏيندو ۽ اُهو ٻيڻو ٽيڻو مُلهه ملڻ واري لالچ ۾ ڳالهين ۾ راضي ٿي ويندو. راجپوت راڳ ۾ راضي ٿيندو آھي، جيئن جهونا ڳڙھ جي راجپوت راجا راءِ ڏياچ راڳ تي موهت ٿي ٻيجل چارڻ کي سر وڍي ڏنو هو. برهمڻ مٺائيءَ جي لڏُوئن ۾ راضي ٿيندو آھي ۽ ننڍڙو ٻار جن ڀُوت جي ڳالهين کان ڊپ ڪري ماٺ ڪندو آھي).
چِنتا ۾ ٻُڌ پرکيو، ٽوٽي پرک ترياھ
سگا ڪُويلان پرکيو، ٺاڪر گُنوھ ڪياھ
(ڳڻتين ۾ عقل جي پرک ٿيندي آھي. کوٽ ۾ گهر واريءَ جي پرک ڪبي آھي. مطلب اڻهُوند ۾ به راضي رهي ڪِر ڪِر نه ڪري اها ئي سپوٽ گهر واريءَ هوندي آھي. سڳن رشتيدارن کي ڏُکئي وقت ۾ پرکجي ۽ اڳواڻ کي اوکيءَ ۾ مطلب ڪو گناھ ڪري اچجي پوءِ پرکجي ته اُهو ڌڻي ٿئي ٿو يا نه؟).
ڀُوک نه جاڻي ڀاوتو، پِريت نه جاڻ جات
نيند نه جاڻي ساٿرو، جيان سُوتان تيان رات
(بُک پسند جي ماني ناهي ڏسندي، مُحبت ذات پات ناهي ڏسندي. ننڊ بسترو ناهي ڏسندي).
ڏيڻو ڀلو نه ٻاپ رو، ٻيٽي ڀلي نه ايڪ
پيڙو ڀلو نه ڪوس رو، صاحب راکو ٽيڪ
(پنهنجو اباڻو اجهو، اباڻي زمين، اباڻو مال ملڪيت ڪنهن به ڌارئي کي نه ڏجي، ڇو ته سڀاڻي اهو اوهان جي ايندڙ نسلن جي ڳچيءَ جو ڳاٽ بڻجي ويندو. هڪڙي ڌيءَ به ڀلي ناهي ڇو ته وڻ ۾ اڪيلي ڪاٺي به سُونهندي ناهي. پيادل ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙو ڪوھ به بُرو. انهن شين کان مالڪ بچائي).
سورٺيو ڏوهو ڀلو، ڀلي مروڻ ري بات
جوبن ڇائي ڌڻ ڀلي، تاران ڇائي رات
(دُوهو سُورٺو سُٺو، ڳالهه ڍولا مارئل جي سُٺي. زال جوانيءَ ۾ ڀلي ۽ رات تارن سان ڀرپور سُٺي هوندي آھي).
سورٺيون ڏوهو ڀلو، گهوڙو ڀلو ڪُميت
ناري تو نولي ڀلي، ڪپڙو ڀلو سَپيت
(دُوهو سُورٺو سُٺو، گهوڙو ڪُميت ڀلو، ناريءَ نوجوان سُٺي ۽ ڪپڙو سفيد سُٺو هوندو آھي).
ڇاڇي ري ٻيٺڪ بري، پرڇاوڻ ري ڇانئين
ڌوري رو رسيو برو، نت اُٺ پڪڙي ٻانئين.
(ڪکائين جهوپڙي سُٺي ناهي هوندي، ۽ پرائي ڇانوَ سُٺي ناهي هوندي. اڀري سڀري ڇَت پنهنجي هُجي. پاڙي جي پِريت بُري ڇو ته روز روز اُٿندي پريتم جي گهر وارا ٻانهن ۾ جهلي بيٺا هوندا).
نت رو ڀلو نه چرسڻو، نت ري ڀلي نه ڌُوپ
نت رو ڀلو نه ٻولڻو، نت ري ڀلي نه چُوپ
(هر روز سَرلو سُٺو ناهي، هر روز ڪاڙھو به چڱو نه چئبو. هر روز ڳالهائڻ به سُٺو ناهي. هر روز ماٺ به ڀلي ناهي. انهن شين جي حد هوندي آھي).
ميٺا ٻولڻ، نم چلڻ، پر اوگُڻ ڍڪ لين
تينون چڱا نانڪا، چوٿو هٿان ڏين
(هر ڪنهن سان مِٺو ڳالهائڻ، هيٺ ڪنڌ ڪري هلڻ، پرايا اَوگڻ ڍڪڻ، مطلب ٻين جي بُرائيءَ تي پردو رکڻ، اهي ٽيئي گُڻ ڏاڍا ڀلا آهن پر انهن کان به ڀلو گڻ چوٿون آھي جيڪو آھي پنهنجي هٿ سان ڪنهن کي ڪُجهه ڏيڻ. سخاوت سڀنيءَ کان مٿي آھي).
موران بن ڏُونگر ڪيسا، ميهه بن ڪيسي ملار
تريا بنان تيجان ڪيسي، پيو بن ڪيسا تيوهار
(مورن کان سواءِ جبل ڪهڙو؟ مِينهن کان سواءِ ملهاريءَ ڪهڙي؟ عورتن کان سواءِ ٽيجون (ٽيج سانوڻ مهيني ۾ ملهائي ويندي آھي.) هڙيون؟ ساجن کان سواءِ عيدون ڪھڙيون؟)
چاڪر، چڪوو، چتر نار، نس دن رهت اُداس
کر، گُگهُو، مُورک، پسو، سدا سُکي پرٿوداس
(نوڪر، چڪور، عقلمند عورت، اهي سڀئي ڏينهن رات اَٺئي پهر اُداس هوندا آھن. گڏھ، اُلُو (چٻرو) ۽ بي عقل ماڻهوءَ اهي سدائين سُکي هوندا آھن. اهي سڀ بي گوندرا آھن).
چنگان ماڙھُو گهر رهيا، اي تين اوگڻ هوءِ
ڪپڙا ڦاٽي، رِڻ وڌي، نام نه جاڻي ڪوءِ.
(صحتمند ماڻهو جيڪڏھن گهر ويهي رهندو. ڌنڌو ڌاڙي نه ڪندو ته اهي ٽي اوگڻ اوس ٿيندا. اُن جا ڪپڙا ڦاٽي ويندا ڇو ته نوان وٺڻ جي توفيق نه هوندي، قرض وڌي ويندو ۽ اُهو سدائين گمنام رهندو. ان کي ڪير به ڪونه سُڃاڻيندو).
جوون درٻ نه کَٽيا، جيان پرديسان جاءِ
گميا يُون هي ڏينهڙا، منک جماري ماءِ
(جوانيءَ ۾ پرديس وڃي ڌَن نه ڪَمايو ۽ ائين ئي وئرٿ ويهي حياتيءَ جا حَسين ڏينهن وڃائي ڇڏيا ته ائين سمجهو اوهان انساني جنم وڃائي ڇڏيو).