سيئول / واشنگٽن (م ڊ) ڏکڻ ڪوريا جي مخالف ڌر جي پارٽين ناڪام مارشل لا کانپوءِ صدر يون سڪ يول جي خلاف مواخذي جي تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي، سڀاڻي تائين ووٽنگ جو امڪان آهي، جيڪڏهن مواخذو منظور ٿي وڃي ٿو ته پوءِ صدر يون جي خلاف آئيني عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو، عدالت ان کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار رکي ٿي. هوڏانهن صدر يون سوڪ جي ڪابينا ميمبرن اجتماعي استعيفائون ڏئي ڇڏيون، جن ۾ ملڪ جو بچاءَ وارو وزير به شامل آهي. صدارتي آفيس جي بيان موجب صدر جي سمورن سينيئر سيڪريٽريز کان علاوه چيف آف اسٽاف، نيشنل سڪيورٽي ايڊوائيزر ۽ ڊائريڪٽر آف نيشنل پاليسي ڪالهه صبح پنهنجون استعيفائون ڏنيون. غير ملڪي ميڊيا جي موجب مرڪزي اپوزيشن جماعت ڊيموڪريٽڪ پارٽي سميت 6 اپوزيشن پارٽين جو چوڻ آهي ته صدر جي خلاف مارشل لا لڳائڻ تي مواخذي جي تحريڪ جمع ڪرائي آهي جنهن تي سڀاڻي جمعي تائين ووٽنگ جو امڪان آهي. هوڏانهن مارشل لا لڳائڻ واري اعلان کانپوءِ عوامي ردعمل دوران هڪ بهادر ڪورين عورت فوجي سان اکيون اکين ۾ ملائي ڀرپور مزاحمت ڪندي سندس بندوق پڪڙي ورتي، اهڙي وڊيو پوري دنيا ۾ وائرل ٿي وئي، جنهن تي عورت جي بهادري جي تعريف ڪئي وئي. عورت آهن گوي رائيونگ ٻڌايو ته آئن ان وقت ڪجهه سوچيو به نه هو پر ايترو ڄاڻان پئي ته اسان جي ملڪ ۾ ان مارشل لا ۽ فوجي اهلڪارن جي اسيمبلي ۾ داخلا کي روڪڻو پوندو. اپوزيشن ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي 35 سالن جي آهن قومي اسيمبلي ۾ پهچندي ئي لائٽن کي بند ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ڇاڪاڻ جو هيليڪاپٽر مسلسل اسيمبلي جي عمارت جي مٿان چڪر هڻي رهيو هو هن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن مرڪزي عمارت تائين پهتيس ته فوج چوطرف بيٺل هئي، جڏهن فوج اسيمبلي طرف وڌي ته آئون به اڳتي وڌي اهلڪارن کي روڪيو، بهادر عورت چيو ته صورتحال کي ڏسي پهرين ته آئون ڊڄي ويس ان قسم جي ٽڪراءَ کي ڏسي ڪري آئون دل ۾ سوچيو ته آئون خاموش نه رهي سگهنديس ۽ مون کي به ڪجهه ڪرڻو پوندو. پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهن چيو ته اهو دل دهلائيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ قدم آهي ته ايڪيهين صدي ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ به ائين ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف آمريڪا ڏکڻ ڪوريا ۾ مارشل لا واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته واقعي بابت اڳواٽ ڪا به خبر نه هئي، ڏکڻ ڪوريا جي جمهوريت دنيا جي طاقتور جمهوريتن مان هڪ آهي