ڪراچي(اسپورٽس نيوز) مڪسڊ مارشل آرٽس فائٽ بريڊ 5 فائٽ ۾ پاڪستان جي شاهزيب رند ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. پاڪستان جي شاهزيب رند آمريڪا جي فائٽر ڪارلوس گوريرا کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو. ايم ايم اي گيم بريڊ 5 آمريڪا جي شره جيڪس ويلي ۾ ٿي، آمريڪي رانديگر پاڪستان جي فائٽر جي سامهون بيوس ٿي ويو. آمريڪي فائٽر زمين تي ڪريو ته ريفري مقابلو روڪي ڇڏيو. شاهزيب رند ڪاميابي سان گڏ پاڪستاني جهنڊو کڻي جشن ملهايو.