مارجي ويل جوابدار جي گم ڪيل ڀيڻ منظر عام تي اچي وئي

0
23
مارجي ويل جوابدار جي گم ڪيل ڀيڻ منظر عام تي اچي وئي
مارجي ويل جوابدار جي گم ڪيل ڀيڻ منظر عام تي اچي وئي

سکر: مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل رضا زنڱيجو جي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل ڀيڻ زينب منظر عام تي اچي وئي، زينب جو چوڻ آهي ته اسان ڪراچي کان گهر اچي رهيا هئاسين ته راڻيپور ٽول پلازا ڪراس ڪرڻ کانپوءِ سول ڪپڙن ۾ پوليس اسان کي روڪيو، ڀاءُ کان اين آءِ سي گهري، جنھن بعد موبائل فون به ورتو ۽ ڪپڙو منهن تي رکي ان کي کنڀي کڻي وڃي رھيا ھئا ته مون مزاحمت ڪئي جنهن تي هنن مون کي ڌڪا ڏنا، مان ڀاءُ سان گڏ وڃي پوليس موبائيل ۾ ويٺس ته مون کي لاهي الڳ گاڏي ۾ويهاري ويو ۽ نوابشاهه ٻانڌي اسٽيشن تي يرغمال بڻايو ويو، جتي مون کي زنجيرون هڻي ٻڌي ويهاريو ويو هو، ڪالهه شام کان پوءِ مون کي شڪارپور ۾ رکيو ويو، مختلف علائقن مان گهمائي صبح جو 10 وڳي سکر کڻي آيا.

جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ: مختلف ٿاڻن تي 16 ڪيس ظاهر

سکر: مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار رضا زنگيجو جو ڪرمنل رڪارڊ پوليس ظاهر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ سکر پوليس ترجمان موجب مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن تي 16 ڪيس داخل آهن، پڌرائي موجب مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار رضا   زنڱيجو ڦر، چوري، پوليس مقابلن سميت ٻين سنگين نوعيت جي وارداتن ۽ ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جنھن مٿان سکر جي  آباد، روهڙي، سائيٽ، ايئرپورٽ، بي سيڪشن، پٽڻي، دبر، دادلوءِ ٿاڻن تي 16 ڪيس داخل ٿيل آهن.