ڪراڪس / واشنگٽن (م ڊ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ وينزويلا جي نڪولس مادورو طرفان ٽيون ڀيرو صدارتي عهدي جو حلف کڻي ورتو، جنهن کانپوءِ آمريڪا سندس گرفتاري لاءِ انعامي رقم وڌائي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ٽئين صدارتي مدي لاءِ حلف کڻڻ کانپوءِ مادورو چيو ته وينزويلا جي ڪمانڊر ان چيف ۽ صدر طور آئين موجب پنهنجون خدمتون انجام ڏيندو، کيس جيڪو اختيار ڏنو ويو اهو ڪنهن پرڏيهي حڪومت نه ڏنو، وينزويلا ۾ ڪو به صدر کي زبردستي نٿو مڙهي سگهي. هوڏانهن جو بائيڊن انتظاميا منشيات سمگلنگ جي الزامن ۾ نڪولس مادورو جي گرفتاري ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ رقم ۾ واڌ ڪئي آهي، مجموعي رقم کي هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالرن مان وڌائي ٻه ڪروڙ 50 لک ڊالر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت آمريڪا وينزويلا جي گهرو وزير ۽ بچاءَ واري وزير جي گرفتاري تي به ڏيڍ – ڏيڍ ڪروڙ ڊالر جو انعام رکيو آهي. آمريڪا وينزويلا جي صدر ۽ ٻين تي ڪرپشن ۽ منشيات سمگلنگ جا الزام هنيا آهن، 2020ع ۾ مادورو انهن الزامن جي ترديد ڪئي هئي.