هونئن ته سڄي ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي ادارن، يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نياڻيون، آفيسن ۽ ڪارگاهن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون محفوظ ناهن، اهي قدم قدم تي ڏهڪاءَ، بليڪ ميلنگ ۽ هراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون، پر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ته اهڙا ڪيس گهڻائي ۾ رپورٽ ٿي رهيا آهن. حالت ان نهج تي پهچائي ويئي آهي، جو نه نياڻيون بنان ڪنهن خوف جي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿيون ۽ نه ئي وري ورڪنگ وومين آفيسن، فيڪٽرين ۽ ڪارگاهن ۾ ڪم ڪري سگهن ٿيون. هر هنڌ انهن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ اهڙا ڪيس وڌيڪ ٿي رهيا آهن، جتي نياڻيون، هم ڪلاسي شاگردن توڙي استادن جي هراسمينٽ جو شڪار بڻجن ٿيون. هاڻي ته يونيورسٽين ۾ تدريسي شعبي سان لاڳاپيل پروفيسر عورتون به پنهنجي شعبي جي سربراهن ۽ وائيس چانسلرن جي هراسمينٽ جو شڪار ٿيڻ لڳيون آهن. اهڙو ئي هراسمينٽ جو هڪ اسڪينڊل سامهون آيو آهي. شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي خاتون اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ارم ٻگهيو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فاروق حسن تي هراسمينٽ جو الزام هڻندي وفاقي محتسب وٽ دانهيو آهي. اهڙي ئي درخواست ان گورنر سنڌ، سنڌ جي وڏي وزير ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير ڏانهن به اماڻي آهي.
بگهڙ ته جهنگ ۾ آهن پر بگهڙ صفت ماڻهو سنڌ جي مادر علمين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ به موجود آهن، جيڪي قدم قدم تي نياڻين ۾ ڏهڪاءُ پکيڙين ۽ کين بليڪ ميل ڪن ٿا. هونئن ته اهڙا ڪيس تمام گهڻا ٿين ٿا، جن ۾ نياڻيون بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿي يا ته هٿيار ڦٽا ڪن ٿيون يا وري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏين ٿيون. انهن نياڻين جو تعداد بنهه گهٽ آهي، جيڪي انڪار جي جرئت ڪندي اهڙن بگهڙن جي نشاندهي ڪن ٿيون، سماج کي انهن جو اصل چهرو ۽ اصل روپ ڏيکارين ٿيون ۽ معاملا ميڊيا تائين ۽ اعليٰ اختيارين تائين انصاف لاءِ کڻي وڃن ٿيون. يونيورسٽين ۾ استاد، شاگردياڻين کي مارڪن جي ڪري به بليڪ ميل ڪن ٿا. ڪا شاگردياڻي انڪار جي جرئت ڪري تي ته اهي بگهڙ ان جو ڪيريئر تباهه ڪري ٿا ڇڏين، جو مارڪون انهن استادن جي ئي هٿ ۾ هونديون آهن. چانڊڪا يونيورسٽيءَ ۾ شاگردياڻي نمرتا ميرچنداڻي جو لاش هاسٽل جي ڪمري مان مليو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي هاسٽل مان سنڌي شعبي جي شاگردياڻي نائلا رند جو لاش مليو. بينظير يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانه جماليءَ کي به هراسان ڪيو ويو. لياقت يونيورسٽي ڄامشوري جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻي سائره به خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي. ان کان سواءِ چانڊڪا يونيورسٽيءَ جي هاسٽل مان ڊاڪٽر نوشين جو لاش مليو. زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي هڪ عورت استاد کي پڻ هراسان ڪيو ويو، جنهن جون خبرون به ميڊيا جون شهه سرخيون بڻيون ۽ هاڻي وري ان هراسمينٽ جو شڪار شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي خاتون اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ارم ٻگهيو ٿي آهي. تمام گهٽ شاگردياڻيون/عورتون اهڙيون آهن، جيڪي ڊاڪٽر ارم ٻگهيو جهڙي جرئت ڪن ٿيون.
عورتن جي حقن، انهن تي جنسي ۽ جسماني تشدد توڙي هراسمينٽ جي حوالي سان اسان جا حڪمران دنيا ۾ پاڻ کي روشن خيال ۽ لبرل ڳڻائڻ لاءِ قانون سازي ته ڪرائين ٿا پر انهن قانونن تي عمل ڪو نه ٿو ٿئي. جڏهن به اهڙو ڪو معاملو ٿئي ٿو ته ان کي دٻايو وڃي ٿو. دٻاءَ وجهي، سماجي لاڳاپا استعمال ڪري معاملا ختم ڪيا وڃن ٿا. انڪوائري ڪميٽيون جڙن ٿيون ته اهي به ملوث استادن/فردن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ جواز اهو ڏنو وڃي ٿو ته ان سان مادر علمي بدنام ٿيندي ۽ مائٽ نياڻين کي پڙهڻ لاءِ نه ڇڏيندا. اڪثر ڪري ائين ٿيندو آهي ته اهڙن معاملن جي جاچ مردن تي مشتمل ڪميٽي ڪندي آهي، جنهن ڪري نياڻيون معاملا ان ڪميٽيءَ جي اڳيان رکي ناهن سگهنديون يا وري اهڙي نموني انڪوائري ٿيندي آهي، جو اهي متاثر نياڻيون/عورتون بيزار ٿي لاتعلق ٿي بڻجي آهن. اسان اها گهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته ڊاڪٽر ارم ٻگهيو هراسمينٽ معاملي جي عدالتي جاچ ڪنهن خاتون جج کان ڪرائي وڃي ته جيئن متاثر عورت بنا ڪنهن دٻاءَ جي پنهنجو ڪيس سامهون آڻي سگهي.