مادري ٻولين سان سرڪار جو رويو

0
132

آئين جي آرٽيڪل 251 تحت اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي، 1973ع جي آئين ۾ اردو ٻولي کي مليل قومي ٻولي جي درجي سان گڏ آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ئي اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اردو ٻولي کي سرڪاري يا دفتري ٻولي بنائڻ لاءِ 15 سالن ۾ بندوبست ڪيا ويندا، ان آئيني پابندي کي 48 سالن جو عرصو ٿي ويو آهي. خير آئين جي آرٽيڪل 251 جو هتي ذڪر ڪرڻ جو منهنجو مقصد اهو آهي ته انهيءَ آئين جي آرٽيڪل ۾ 1973ع کان پوءِ هن وقت تائين اردو ٻوليءَ سان گڏ سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ جڏهن به آئين ۾ ترميم جا بل پيش ٿيا انهن کي اردو ٻولي ۽ ملڪ جي مفادن خلاف قرار ڏئي رد ڪيو ويندو رهيو آهي. آئين جو آرٽيڪل 251 مون کي گذريل اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات ان وقت ياد آيو جڏهن مان 2017ع جي آدمشماري جي مادري ٻولين وارن انگن اکرن بابت اسٽوري لکي رهيو هئس، 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي پنجابي آهي، پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ 38.78 سيڪڙو آهن، ملڪ اندر ٻئي نمبر تي وڌ ۾ وڌ ڳالهائي ويندڙ ٻولي پشتو آهي، پشتو ڳالهائيندڙ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ 18.24 سيڪڙو آهن، ٽئين نمبر تي ملڪ اندر وڌ ۾ وڌ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سنڌي آهي، سنڌي ڳالهائيندڙ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ 14.57 سيڪڙو آهن، چوٿين نمبر تي وڌ ۾ وڌ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سرائيڪي آهي، سرائيڪي ڳالهائيندڙ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ 12.19 سيڪڙو آهن، جڏهن ته جنهن اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو آهي، اها اردو ٻولي ملڪ اندر پنجين نمبر تي ڳالهائي ويندڙ ٻولي طور سامهون آئي آهي، اردو ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ 7.08 سيڪڙو آهن. 2017ع جي آدمشماري جي ٻولي وار رپورٽ جا انگ اکر پڙهي اهو سوال ڪر کڻي بيهي رهيو ته 2017ع جي آدمشماري مطابق ملڪ اندر اردو ڳالهائيندڙ ٻولي پنجين نمبر تي آهي، 1998ع جي آدمشماري ۾ به اردو جي اها پوزيشن هئي، ايئن 1998ع جي آدمشماري ۾ جيڪڏهن پنجابي، پشتو، سنڌي، سرائيڪي ترتيب وار سڀ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ هيون ته ان کان اڳ ۾ ٿيل آدمشماري به اهڙي صورتحال ئي هوندي، پوءِ 1973ع جي آئين ۾ اردو سان گڏ سنڌي سوڌو وڌ ۾ وڌ ڳالهايون ويندڙ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو خيال آئين ٺاهيندڙن کي ڇو نه آيو؟ 2017
ع جي آدمشماري جي ٻولي واري رپورٽ لکندي اهي منظر به اکين اڳيان تري آيا ته جڏهن به سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جا بل آيا تڏهن انهن کي رد ڪرائڻ ۾ مک ڪردار پنجاب سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جو رهيو آهي، مون ڪيترائي ڀيرا نه رڳو انهن بلن کي ڪميٽين ۾ رد ڪندي ٻڌو پر پنجاب جي ميمبرن جون بلن کي رد ڪرڻ بابت تقريرون به ٻڌيون آهن، جن کي مان اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو آهي، پر مون لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن واري رپورٽ ۾ اها آهي ته پنجاب صوبي جي شهرين کان آدمشماري ڪرائيندڙ عملي جڏهن اهو سوال ڪيو ته اوهان ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ آهيو ته پنجاب جي69.67 سيڪڙو آبادي پاڻ کي پنجابي ڳالهائيندڙ قرار ڏنو آهي، انهن انگن اکرن کي ڏسي حيرت سان گڏ ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿيو ته پنجاب ۾ پوءِ ڇو پنجابي ۾ بنيادي تعليم نه ٿي ڏني وڃي، جيئن سنڌي ٻولي ۾ اخبارون ۽ سيٽلائيٽ چينل آهن پنجابي ٻولي ۾ ڪا هڪ اخبار يا ٽي وي چينل ڇو نه هلي رهيو آهي، خير پنجاب مان چونڊيل قومي اسيمبلي جا ميمبر ڀلي سنڌي، پنجابي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي مخالفت ڪن پر پنجاب جي 69 سيڪڙو آبادي پنجابيءَ کي پنهنجي مادري ٻولي سمجهي ٿي. هاڻي اچون ٿا سنڌ صوبي جي ڪل آباديءَ ۾ ٻولي وار آبادي جو تناسب ڪيترو آهي، اوهان کي ٻڌايان ته سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ 2017ع جي آدمشماري رپورٽ مطابق سنڌي ڳالهائيندڙ 61.60 سيڪڙو آهن، اردو ڳالهائيندڙ 18.20 سيڪڙو آهي، ايئن به نه آهي جو 2017ع جي آدمشماري ۾ ڪو سنڌي ڳالهائيندڙن کي غير معمولي طور وڌائي ڄاڻايو ويو آهي، پر اوهان کي ٻڌايان ته 1998ع جي آدمشماري ۾ سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 59.73 سيڪڙو ڏيکاريا ويا هئا، مطلب ته 1998ع بعد 19 سالن کان پوءِ ٿيل 2017ع جي آدمشماري ۾ 1.87 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي ۾ واڌ ڏيکاري و ئي آهي، اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ صوبي اندر آبادي ۾ سالياني واڌ جي شرح 2.41 سيڪڙو ڄاڻائي وئي آهي،
جيڪڏهن سنڌ ۾ جيڪا سالياني واڌ واري شرح ٻڌائي وئي آهي ان حسان سان سنڌي ڳالهائيندڙن جي به آبادي ۾ واڌ ڏيکاري وڃي ته سنڌي ڳالهائيندڙن جو صوبي جي ڪل آبادي ۾ حصو 61.60 سيڪڙو کان به يقينن وڏي ويندو. سنڌ صوبي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو صوبي جي ڪل آبادي ۾ حصو 18.20 سيڪڙو آهي، يعني سنڌي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 81.80 سيڪڙو آهن، پر 18.20 سيڪڙو صوبي جي آبادي ۾ حصو رکندڙ خاص طور ڪراچي سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ تنظيمن جا اڳواڻ آئي ڏينهن تعصب پرستي جو مظاهرو ڪندي سنڌ صوبي جي تقسيم جون ڳالهيون ڪري اڪثريتي آبادي جي دل آزاري ڪندا رهن ٿا، انهن جي ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي اڪثريتي آبادي جا حق کسڻ جو ڪو موقعو هٿن مان وڃڻ نه ڏنو وڃي.
تازو بحريا ٽائون پاران ملير جي اوائلي ڳوٺن تي والار ۽ زبردستي خلاف سنڌ صوبي جي سمورن ضلعن مان ڪراچي پهچي سنڌ واسين ان زيادتي خلاف احتجاج ڪيو، جيڪو احتجاج بحريا ٽائون جي زيادتي خلاف مسلسل آواز اٿارڻ باوجود داد رسي نه ٿيڻ بعد ڪيو ويو، پر ايم ڪيو ايم ان کي به لساني رنگ ۽ ڪراچي تي حملو قرار ڏنو آهي، انهن ان احتجاج کان اڳ يا احتجاج کان پوءِ به بحريا ٽائون پاران ملير جي تاريخي وسندين تي والار خلاف ڪو به آواز نه اٿاريو، ان مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ صوبي جي صدين کان رهندڙ اصلي رهواسي کين اک ۾ ڪنڊي وانگر محسوس ٿيندا رهيا آهن، باقي بحريا ٽائون سامهون احتجاج دوران لڳل باهه جي واقعي کي بنياد بڻائي جيڪا لب ڪشائي ٿي رهي آهي ان بابت فيس بڪ ڀريو پيو آهي. افسوس ته اهو آهي ته بحث ۽ پنهنجي لفظن جا تير هلائڻ کان اڳ ماڻهن ڪجهه بنيادي سوال به ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي ڪيترائي ڏينهن اڳ معلوم هو ته بحريا ٽائون سامهون ڌرڻو لڳندو ته سنڌ حڪومت بحريا ٽائون سامهون پوليس ۽ رينجرز مقرر ڇو نه ڪئي، احتجاج کي جمهوري حق قرار ڏيندي نه ٿڪجندڙ سنڌ حڪومت سنڌ مان احتجاج لاءِ ايندڙ قافلن تي سنڌ جي مختلف شهرن وٽ جيئن پوليس کي الرٽ ڪيو تيئن بحريا ٽائون ٻاهران فورس الرٽ ڪرڻ جو مظاهرو ڇو نه ڪيو ويو،جيڪڏهن احتجاج ڪرڻ جمهوري حق آهي ته شهيد بشير قريشي جي وڏي پٽ صنعان قريشي کي ٻن ڏينهن تائين لاپتا ماڻهن وانگر گم ڪري ڇڏڻ ڇا جمهوري طرز عمل آهي؟ باقي جن ڪراچيءَ ۾ ٿيل تاريخي احتجاج بعد باهه جي واقعي کي جواز بنائي “لوفر”، “ٿوڪا” جهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن
انهن کان رڳو سوال هي آهي ته جڏهن ملير جي تاريخي ڳوٺن جا ماڻهو زيادتي بابت مهينن کان دانهون ڪوڪون ڪري رهيا هئا انهن کي نجي ماڻهو گهلي رهيا هئا، ان وقت ٿوڪا ۽ لوفر جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ سندن جرئت ڇو نه ٿي هئي. ڳالهه ڪراچي جي ٿي رهي آهي ته اوهان کي ٻڌايان ته ڪراچي جي ڪل آبادي ۾ اردو ڳالهائيندڙ 38 سيڪڙو آهن، 17.2 سيڪڙو سنڌي، 5.1 سيڪڙو بلوچي، 11 سيڪڙو پنجابي، 15.3 سيڪڙو پشتون ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 12.8 سيڪڙو آهن، ڪراچي جي ڪل آبادي ۾ 38.2 سيڪڙو حصو رکندڙ اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي رڳو ايم ڪيو ايم نه ٿي ڪري، پ پ پ سان به اردو ڳالهائيندڙ گڏ آهن، ٻين پارٽين سان به انهن جي وابستگي آهي، پر ايم ڪيو ايم وارا ڳالهائڻ وقت تاثر اهو ڏيندا آهن ته سڄي ڪراچي جي نمائندگي انهن وٽ آهي، يا ڪراچي جي سڄي آبادي انهن سان گڏ آهي.
آخر ۾ اوهان کي ٻڌايان ته 11 جون تي وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي، بجيٽ ڪهڙي هوندي ان جو اندازو هر ڪنهن کي آهي، پر بجيٽ اجلاس دوران مخالف ڌر جو ڪردار ڇا هوندو اهو مامرو سواليا نشان بڻيل آهي. قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو کي اڳ ۾ تقرير جو موقعو ڏيڻ تي ن ليگ جي احسن اقبال اعتراض ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري کيس ڪاغذي عهديدار قرار ڏنو، ان واقعي کي ٻه ڏينهن ٿيا آهن مخالف ڌر جڏهن هڪ ٻئي خلاف واڪ آئوٽ ڪرڻ لڳي آهي تڏهن حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ واري آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ق ليگ مطالبا تسليم ٿيڻ تائين وزيراعظم کي قانونسازي ۾ ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جهانگير ترين گروپ به پي ٽي آءِ کان ناراض آهي، ان صورتحال ۾ حڪومت کي مٿي تي هٿ هجڻ گهرجن ها حڪومتي وزيرن جا ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت، پرويز الاهي ۽جهانگير ترين سان گڏ بيٺل ميمبرن سان چڪر مٿان چڪر لڳڻ جا منظر ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجن ها پر حڪومت ڏسي رهي آهي ته مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين جا هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هٿ آهن ته پوءِ انهن کي ق ليگ ۽ جهانگير ترين گروپ جا نخرا برداشت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
جهانگير ترين گروپ جي ميمبرن ۽ ق ليگ جي ميمبرن جي ان وقت اهميت آهي جڏهن پ پ پ، ن ليگ ۽ مخالف ڌر جون پارٽيون بجيٽ خلاف هڪ هجن، تڏهن جهانگير ترين گروپ ۽ ق ليگ جا ووٽ حڪومت لاءِ اهم ٿي ويندا، ڇو ته انهن جي حمايت کانسواءِ حڪومت لاءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ ناممڪن آهي پر لڳي ٿو حڪومت لاءِ جيڪو مامرو ناممڪن بڻجي سگهي ٿو ان کي پ پ ۽ ن ليگ پاڻ ۾ وڙهي ممڪن بڻائي رهيا آهن، اهڙي سهولت ۽ آساني ۽ سڪون جا لمحا ته حڪومت جا اتحادي به حڪومت لاءِ آڻيندي نظر نٿا اچن.