ماحول دشمن پلاسٽڪ/شاپنگ بيگز تي پابنديءَ وارو فيصلو

0
26
ڀارت طرفان سنڌ طاس پاڻي معاهدي جي معطليءَ جو اعلان

ماحول کي وڌ ۾ وڌ نقصان پلاسٽڪ جي ٿيلهين/ شاپنگ بيگس سان پهچندو رهيو آهي، جيڪي هڪ گندي پاڻيءَ جي نالن جي بند ٿيڻ، زمين کي سنڍ ڪرڻ ۽ ٻي ماحولياتي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيون آهن.  حڪومت اڳ به ڪيترائي ڀيرا پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابنديءَ جا اعلان ڪري چڪي آهي پر ان تي عمل ڪرائي نه سگهندي آهي، جو ان جي پٺيان مينوفيڪچررز جي هڪ وڏي مافيا موجود آهي. هن ڀيري به ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ لاءِ پلاسٽڪ ٿيلهين جي تياري، وڪري ۽ استعمال تي 60 ڏينهن اندر پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو فيصلو سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي.

اڄ جي دور ۾ ماحوليات جو تحفظ هڪ انتهائي اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي. ماحولياتي آلودگي، موسم جي تبديلي، ٻيلا ڪاٽڻ ۽ زمين جي زرخيزي ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا ڌرتيءَ کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. انهن سڀني مسئلن مان هڪ وڏو ۽ اڪثر نظرانداز ٿيندڙ مسئلو آهي پلاسٽڪ جي ٿيلهين/شاپنگ بيگز جي گهڻي استعمال جو. هي هلڪيون ۽ سستيون پلاسٽڪ جون ٿيلهيون اسان جي روزمره جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويون آهن، پر انهن جا ماحول تي ٿيندڙ اثر انتهائي خطرناڪ آهن۔ پلاسٽڪ بيگز حياتياتي طور تي ختم نه ٿيندڙ آهن. هڪ ڀيرو زمين يا پاڻيءَ ۾ وڃڻ بعد صدين تائين به نٿيون ختم ٿين. اهي بيگز زمين جي زرخيز ٿيڻ کي متاثر ڪن ٿيون، پاڻيءَ جي نڪاسي جي نظام کي بند ڪن ٿيون، ۽ دريائن، واهن ۽ سمنڊن ۾ موجود آبي حيات لاءِ موت جو سبب بڻجن ٿيون. ڪيترائي جانور انهن بيگز کي خوراڪ سمجهي کائي وڃن ٿا، جنهن سان انهن جو موت واقع ٿئي ٿو. شهرن ۾ اهي بيگز گٽر جي نظام کي بند ڪري ڇڏين ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي بيهي ٿو، گندگي پکڙجي ٿي ۽ وبائون جنم وٺن ٿيون۔ جيڪڏهن پلاسٽڪ بيگز کي باهه ڏني وڃي ته اهي زھريليون گيسون خارج ڪن ٿيون، جيڪي انساني صحت لاءِ نهايت خطرناڪ آهن. ۽ سرطان، چمڙي جا مرض ۽ ساھ جي بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون۔

توڙي جو سنڌ ۾ مختلف وقتن تي پلاسٽڪ بيگز تي پابندي لڳائي وئي آهي، پر اڪثر اها رڳو اعلانن تائين محدود رهي آهي. جنهن جو سبب سياسي عزم ۽ سنجيدگيءَ جي کوٽ آهي. حڪومتون پابنديءَ جا اعلان ته ڪن ٿيون، پر ان تي عمل لاءِ ڪا مؤثر حڪمت عملي تيار نه ٿي ڪئي وڃي۔ عام ماڻهو ۽ دوڪاندار وٽ متبادل بيگز جي سهولت نه هجڻ سبب، پابندي لاڳو نه ٿي سگهندي آهي۔ پلاسٽڪ بيگز ٺاهيندڙ صنعتون مضبوط لابي بڻجي چڪيون آهن، جيڪي پنهنجا مفاد بچائڻ لاءِ هر رڪاوٽ پيدا ڪن ٿيون۔ ٻي اهم ڳالهه ماحوليات جي حوالي سان عوامي شعور جي کوٽ آهي. ماڻهن جي اڪثريت کي انهن بيگز جي نقصانن بابت ڄاڻ ئي ناهي، يا ته اهي لاپرواه آهن. جيستائين عام ماڻهوءَ ۾ شعور نه ٿيندو، قانون سازي بيڪار ٿيندي۔

پلاسٽڪ بيگز جي جاءِ تي متبادل شيون استعمال ڪرڻ سان هن سنگين مسئلي تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. اڳ ۾ ماڻهو ڪپڙي جي ٿيلها استعمال ڪندا هئا. روايتي ڪپڙي جا ٿيلها نه رڳو ڊگهي مدي وارا هوندا آهن، پر ماحول دوست به هوندا آهن. انهن کي ڪيترائي ڀيرا استعمال ڪري سگهجي ٿو۔ ان کانسواءِ ڪاغذي ٿيلها به  ستعمال ڪري سگهجن ٿا. ڪاغذ آساني سان ختم ٿي ويندو آهي، ۽ ماحول لاءِ محفوظ هوندو آهي. جيتوڻيڪ اهي گهٽ مضبوط هوندا آهن، پر ننڍڙين شين لاءِ ڪارآمد هوندا آهن۔ ان کانسواءِ بايوڊيگريڊيبل پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به استعمال ٿي سگهن ٿيون، جيڪي حياتياتي طور ختم ٿي ويندڙ مواد مان تيار ٿين، سٺو متبادل ٿي سگهن ٿيون. پر انهن جي معيار ۽ پيداوار لاءِ ضابطن جي ضرورت آهي۔ حڪومت کي گهرجي ته پلاسٽڪ بيگز جي پيداوار، وڪري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي، ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ ۽ سزا لاڳو ڪئي وڃي۔ ان فيصلي تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.