ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ماحوليات کاتي جي ڪراچي ۾ مقرر آفيسر پاران حيدرآباد مان پگھار ۽ مالي مراعتون حاصل ڪرڻ جو انڪشاف، کاتي انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي ان ڏس ۾ سنڌ جي ماحوليات، کاتي جي سيڪريٽري ڊپٽي ڊائريڪٽر منير عباسي واري معاملي تي ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ورتي، جنهن ۾ ماحوليات کاتي جو ڊائريڪٽر(ايڊمن اينڊ فنانس)، سيڪشن آفيسر(جنرل) ۽ ڊي ڊي او پاور رکندڙ آفيسر ميمبر ھوندا، ڪاميٽي جاچ ڪندي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر منير احمد عباسي ڪراچي ۾ مقرري باوجود سيپا حيدرآباد مان غير قانوني طور پگھار ڇو حاصل ڪئي؟ منير عباسي بالا آفيسرن کي باءِ پاس ڪري سڌي ريت چيف سيڪريٽري کي ڪيس پيش ڪيو ، ڪاميٽي 15 ڏينھن اندر سيڪريٽري کي رپورٽ پيش ڪندي