سکر (بيورو رپورٽ) مقامي ھوٽل ۾ ورلڊ ٽوائليٽ ڊي تي نيشنل سينيٽيشن ڪانفرنس منعقد، ماھرن گندي پاڻي جي نيڪال ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کي ملڪ لاءِ وڏو چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو، پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سينيٽيشن بابت 2006ع واري ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل پاليسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو، سول سوسائٽي جي نمائندن، ماحولياتي ماھرن ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيو آھي ته گندي پاڻي جو نيڪال ملڪ لاءِ چيلينج بڻيل آھي، ملڪ جي آباديءَ جي گھڻائي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آھي ۽ اسان وٽ بيمارين جو وڏو ڪارڻ صفائي جو نه ھجڻ آھي،  جڏهن ته ملڪ جو آئين ھر شھري کي بنيادي سھولتن جو حق ڏئي ٿو، ماحولياتي ماهرن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آھي ته 2030ع تائين جي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته پائيدار ترقي بابت 2006ع ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سينيٽيشن بابت جوڙيل ڊرافٽ پاليسي جي ڪابينا کان منظوري ورتي وڃي ۽ ان کي عملي طرح لاڳو ڪيو وڃي. انھن اھڙو مطالبو ورلڊ ٽوائليٽ ڊي جي موقعي تي سکر جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ ڪوٺايل نيشنل سينيٽيشن ڪانفرنس ۾ پنھنجا ويچار ونڍيندي ڪيو، ڪانفرنس فريش واٽر ايڪشن نيٽ ورڪ سائوٿ ايشيا پاڪستان، خيبرپختونخوا، بلوچستان، سنڌ جي سماجي تنظيم جي گڏيل سهڪار سان منعقد ٿي. خيبر پختونخوا جي سماجي تنظيم جي اڳواڻ شاھ ناصر چيو ته اسان جي معاشري ۾ بيمارين ۾ اضافي جو ڪارڻ ماحول کي صاف نه رکڻ آھي، جيڪڏهن اسان کي درست مفھوم ۾ ترقي ڪرڻي آھي ته ماحول کي صاف سٿرو بڻائڻو پوندو. اختيار احمد خاصخيلي چيو ته سيوريج جو مسئلو ملڪ لاءِ چئلينج بڻيل آھي، ملڪ جي اڪثريتي آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آهي. وائيس چيئرمين ميونسپل ڪارپوريشن مڪي شاھ، غلام مرتضي گھانگھرو ۽ سماجي تنظيم جي اڳواڻ زاهد خاصخيلي، شبانه ويسر، عبدالجبار، صدام ٻرڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.