يو اين سي سي ڊي جي ھڪ رپورٽ موجب، موسمي تبديليءَ سبب پاڪستان کي ڏُڪار جي ايمرجنسي جي صورتحال درپيش آھي. موسمي تبديلي سبب دنيا ۾ سخت متاثر ٿيندڙ 23 ملڪن ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو ويو آھي. يو اين سي سي ڊي جي رپورٽ مطابق، پاڪستان جي تقريبن 30 سيڪڙو آبادي موسمي تبديلي سبب ڏڪار جي ڪري متاثر ٿي رهي آھي. موسمي تبديلي بابت وفاقي وزارت جي دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته، قومي ڏڪار جي مانيٽرنگ سينٽر (اين ڊي ايم سي) پاران هڪ تفصيلي جائزي جو انتظام ڪيو ويو، جنهن جي بنياد تي پاڪستان جي 19 ضلعن جي ڏڪار سبب شديد متاثر ٿيندڙ ضلعن طور نشاندهي ڪئي وئي آھي، انهن ضلعن ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ ضلعن ۾ سکر، خيرپور، سانگهڙ، عمرڪوٽ، بدين، ٿرپارڪر، ٺٽو، ڄامشورو، دادو سميت 9 ضلعا شامل ڪيا ويا آھن. نئين آدمشماري تحت مٿي ڄاڻايل ضلعن جي مجموعي طور تي آبادي 1 ڪروڙ، 53 لک، 74 هزار، 39 ٿئي ٿي، جيڪا سنڌ صوبي جي ڪل آبادي جو 28 سيڪڙو آھي. جڏهن ته موسمي تبديليءَ سبب بلوچستان جي شديد متاثر ڏهن ضلعن ۾ نوشڪي، پشين، خاران، گوادر، جيوڻي، پنجگور، پسني، تربت، عماره ۽ ڪوئيٽا ضلعا شامل آھن.
ماحولياتي تبديلين جو اثر اسان جي ڌرتيءَ تي تمام گهڻو شديد ٿي ويو آهي، جنهن جو نتيجو ماحولياتي آفتن جي صورت ۾ نظر اچي رهيو آهي. انهن آفتن ۾ ڌُنڌ، سوڪهڙو ۽ ڏُڪار شامل آهن، جيڪي نه صرف انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن، پر انهن جي ڪري معيشت تي به خراب اثر پئجي رهيا آهن. پاڪستان، جيڪو اڳ ئي معاشي بحرانن ۽ وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهي، انهن آفتن جو خاص طور تي شڪار ٿيو آهي. ڌنڌ هڪ قسم جو آلودگيءَ جو ميلاپ آهي، جيڪو فضائي آلودگي جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. ڌنڌ جو اهم سبب فوسل ٻارڻ جو ٻرڻ، گاڏين مان نڪرندڙ دونھون، ۽ صنعتي گدلاڻ آهي. پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ جي علائقن ۾ ڌنڌ هڪ عام مسئلو بڻجي ويو آهي. ڌنڌ جا انساني صحت تي خراب اثر پئجي رھيا آھن. ڌنڌ سبب ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، ڦڦڙن جي بيمارين، دل جي بيمارين ۽ اکين جي الرجي جو سبب بڻجي ٿو. ڌنڌ جي ڪري فصلن تي الٽراوائلٽ شعاعن جو اثر ٿئي ٿو، جنهن سبب فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي اچي ٿي. صرف ڌنڌ ئي نه، پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ سوڪهڙو به هڪ اهم مسئلو آهي. سوڪهڙي سبب زرعي زمينون خشڪ ٿي وڃن ٿيون، جنهن سان فصلن جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي. جيئن ته پاڪستان جي معيشت جو وڏو حصو زراعت تي دارومدار رکي ٿو، ۽ سوڪهڙي سبب زراعت متاثر ٿيڻ سان معيشت به ڪمزور ٿي وڃي ٿي. ٻيو ته، ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾ خوراڪ جي فراهمي ۾ شديد کوٽ پيدا ٿئي ٿي. ڏڪار جي ڪري زرعي پيداوار ۽ مال جي پالنا تي انحصار ڪندڙ معيشت کي وڏو نقصان ٿئي ٿو.
پاڪستان جي معيشت اڳ ئي مختلف مسئلن جهڙوڪ غربت، بيروزگاري، ۽ پرڏيهي قرضن ۾ ڦاٿل آهي. ماحولياتي آفتون جهڙوڪ ڌنڌ، سوڪهڙو ۽ ڏڪار هن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪن ٿيون. ماحولياتي آفتن کي روڪڻ لاءِ حڪومتي پاليسين ۾ تبديليون ۽ عوام جي شعور ۾ واڌاري جي ضرورت آهي. فضائي آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ گاڏين ۽ صنعتن جي آلودگي تي ڪنٽرول، پاڻي جي وسيلن جو مناسب استعمال ۽ زراعت لاءِ جديد طريقا اپنائڻ ضروري آهن. جيڪڏهن ماحولياتي آفتن کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي قدم نه کنيا ويا ته پاڪستان جي معيشت ۽ عوام ٻنهي کي شديد نقصان جو منهن ڏسڻو پوندو. عوام کي ماحولياتي تبديلين جي خطرن ۽ انهن جي روڪٿام بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. گھڻي کان گھڻا وڻ پوکيا وڃن. ھتي ٻوٽا پوکيا ته ويندا آهن، پر انھن جي سار سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري اھي سڪي ختم ٿي ويندا آهن، ٻوٽا وڻ بڻجي نه سگھندا آهن. صرف اھو تعداد سرڪاري رڪارڊ ۾ درج ھوندو آهي، باقي سرزمين تي صورتحال مختلف ھوندي آهي. اسان سمجھون ٿا ته، ماحوليات جي تحفظ جا طريقا اختيار ڪرڻ سان سڄي ملڪ اندر ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ معيشت کي مستحڪم ڪري سگھجي ٿو.