ماحولياتي تباهي، عالمي عدالت ۽ قومن جي جيئڻ جي حق جو ڪيس!

0
35
ماحولياتي تباهي، عالمي عدالت ۽ قومن جي جيئڻ جي حق جو ڪيس!

 هن ڌرتيءَ جي گولي تي حياتيءَ جو وجود عظيم ۽ حيرت ۾ وجهندڙ شئي آهي. هر جاندار نسل فطرت جي هڪ خاص ماحول ۾ رهي ٿو ۽ جيڪڏهن انهيءَ ماحول مان کيس ڌار ڪبو يا سندس جيئڻ جا وسيلا کسيا ويندا ته کيس جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي ۽ ممڪن آهي ته انهيءَ نئين ماحول ۾ اهو نسل ختم ٿي وڃي. سائنسدانن سپر ڪمپيوٽر وسيلي اهو اندازو لڳايو آهي ته اسان جو نظام شمسي ايندڙ 5 ارب سالن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ ڌرتي انهيءَ کان گهڻو اڳ 25 ڪروڙ سالن ۾ ختم ٿي ويندي پر بيڪٽيريا کي ڇڏي ڪري انساني نسل ۽ ٻيا وڏا جاندار ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيترو عرصو  جيئرا رهندا، اهو انسانن جي هٿ ۾ آهي. جنگين ۾ ايٽمي هٿيارن جو استعمال، انسانن ۽ ٻين جاندارن کي مڪمل طرح ختم ڪري سگهي ٿو. صرف روس ۽ آمريڪا وٽ ايترا نيوڪليئر هٿيار آهن جو اهي نه صرف سمورن جاندارن کي ختم ڪري ڇڏيندا، پر ڌرتيءَ کي سندس محور مان ڪڍي کيس خلا ۾ اڇلائي کيس مڪمل طرح ختم ڪري ڇڏيندا. انهيءَ جي ڪري نيوڪليئر هٿيار رکندڙ ملڪن ۾ ضابطا ٺهيل آهن ته جيئن انهن هٿيارن جي استعمال کي روڪي سگهجي. هن وقت نيوڪليئر هٿيارن کان جيڪڏهن وڌيڪ نه ته به سندس برابريءَ وارو خطرو ماحولياتي تبديلين جي ڪري انسانن ۽ ٻين جاندارن جي ختم ٿيڻ جو آهي. خاص طرح گذريل سال 2024ع ۾ جنگين سبب مرندڙ انسانن کان وڌيڪ انسان ماحولياتي ۽ موسمي تبديلين جي ڪري سڌي يا اڻسڌي طرح مري ويا. ننڍن ننڍن جزيرن کان وٺي خوشحال آمريڪي ۽ يورپي شهرين، آسٽريليا، آفريڪا، ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪي کنڊ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ انسانن تائين ڪير به ماحولياتي تبديليءَ جي اثرن کان بچي نه سگهيا. گرمي پد وڌڻ جي ڪري سمنڊن ۾ چاڙهه اچي پيو، جيڪو مالديپ ۽ پئسفڪ جي ٻيٽن سميت ڪيترن جزيرن. ننڍن ملڪن ۽ علائقن کي ڳڙڪائي ويندو. ماحولياتي تبديلين جا ذميوار ترقي ڪيل صنعتي ملڪ ۽ قومن جو استحصال ڪندڙ قابض ٽولا آهن. انهيءَ سبب جي ڪري هڪ ڪيس ڊسمبر 2024ع ۾ عالمي عدالت انصاف وٽ پيش ٿيو آهي، ڇا عالمي عدالت انصاف ڪندي؟ فيصلن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ ۽ سنڌ جي درياهه جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي جو انصاف ڪير ڪندو؟ انهن سمورين حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي.

عالمي موسمياتي ادارو (ورلڊ ويدر ايٽريبيوشن) جيڪو گلوبل وارمنگ جي اثرن جو جائزو وٺندو آهي ۽ انهيءَ مقصد لاءِ سندس ڳانڍاپو دُنيا جي سڀني وڏين موسمياتي تبديلين جي اڀياس ڪندڙ ادارن سان به آهي، تنهن پنهنجي 2024ع جي رپورٽ بابت ڄاڻايو آهي ته، 2024ع جو سال انساني تاريخ جو گرم ترين سال هو. انهيءَ وڌيل گرمي پد سمنڊن کي گرم ڪري ڇڏيو، جنهن خطرناڪ ٻوڏن، برساتن ۽ طوفانن کي جنم ڏنو.

ڌرتيءَ جو اهو وڌندڙ گرمي پد قدرتي آفت نه پر انساني سرگرمين جي ڪري آهي، خاص طرح ماحول لاءِ هاڃيڪار گرين هائوس گيسز (ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ، ميٿين ۽ نائٽرڪ آڪسائيڊ وغيره) وڏي مقدار ۾ صنعتن ۽ ٽرانسپورٽ مان خارج ٿين ٿيون. عالمي موسمياتي اداري جي سربراهه ۽ موسمياتي سائنسدان فريڊرڪ اوٽوو ڄاڻايو ته، ڪوئلي، تيل ۽ گئس جي وڌندڙ استعمال 2024ع کي وڌيڪ گرم ۽ موتمار سال بڻائي ڇڏيو. صرف سعودي عرب ۾ حج جي موقعي تي 51.8 سينٽي گريڊ گرمي پد سبب 1300 کان وڌيڪ ماڻهن جون فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ۽ اصل انگ اکر گهڻا وڌيڪ هئا. سخت گرمي جنهن کي ‘خاموش قاتل’ به سڏيو ويو، اها ٿائلينڊ، هندستان، پاڪستان ۽ اتر آمريڪا کنڊ ۾ به ڪيترين موتن جو سبب بڻي. ميڪسيڪو ۾ گرميءَ سبب ڀولڙا وڻن تان ڪِري مري ويا، ياد رهي ته پاڪستان ۾ به گرمي 50 سينٽي گريڊ کان وڌيڪ هئي. انهيءَ گرميءَ جي ڪري يورپ جي ٻيلن ۾ باهه ڀڙڪي اُٿي، جنهن جي ڪري وڻ، ٻُوٽا، جيوت، انساني گهر ته سڙي ويا پر سندس دونهين سبب ڪيترا وڏي عمر وارا ماڻهو ساههَ ۽ دِل جي بيمارين جي ڪري مري ويا. هاڻي آمريڪا جهڙي سُپر پاور جو لاس اينجلس جهڙو اهم شهر ڊسمبر کان سڙي پيو ۽ کيس صرف ۽ صرف برسات وڌيڪ سڙڻ کان بچائي سگهي ٿي.

گهڻي گرميءَ سبب سمنڊن جو پاڻي ٻاڦ ٿي وڏين موتمار برساتن جو سبب بڻيو، اپريل 2024ع ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ ڏينهن اندر سندن ٻن سالن جي برابر برسات وٺي، جنهن ريگستان کي هڪ وڏي ڍنڍ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سندن دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪيترن ڏينهن لاءِ بند رهيو. ڪينيا سميت  اوڀر ۽ اولهه آفريڪا جا ڪيترا ملڪ ٻوڏن سبب تباهه ٿيا ۽ سندن رڪارڊ موجب هزارين ماڻهو مري ويا ۽ لکين بي گهر ٿيا، پر غير سرڪاري انگ اکر انهن کان گهڻو وڌيڪ آهن. اولهه يورپ به خاص طرح اسپين پڻ تيز برساتن ۽ وڏي ٻوڏ سبب ڪافي متاثر ٿيو. اسپين جي هڪ صوبي ۾ صرف 200 کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ سبب مري ويا. يورپ ۾ آيل ٻوڏن سبب 310 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو.

انهيءَ 2024ع جي سخت گرميءَ 83 وڏن سائيڪلونن کي جنم ڏنو. جنهن ۾ ملٽن ۽ هيلن ۽ آمريڪا ۾ 124 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ملڪيتن جو نقصان ڪيو. جڏهن ته ياگي نالي واري سائڪلون ميانمار، ويٽنام، ٿائلينڊ، فلپائن ۽ ڏکڻ چين ۾ هزارين ماڻهن جي موت جو سبب بڻيو. سائڪلون چائڊو ڪيريبن جي فرينچ ڪالوني مايوٽ کي مڪمل طرح تباهه ڪري ڇڏيو.

آمريڪا، ڪيناڊا، ايميزون، يورپ جي علائقن ۾ وقت سر برساتن نه پوڻ جي ڪري ٻيلن ۾ لڳل باهين لکين ايڪڙ ساڙي رک ڪري ڇڏيا. ڏکڻ آفريڪا ۾ عالمي خوراڪ واري پروگرم ڄاڻيو آهي ته صرف آفريڪا ۾ 26 لک ماڻهو بک وگهي مرڻ جي خطري ۾ آهن. جيڪڏهن اسان 2024ع جي گرمي، برساتن، ٻوڏن، طوفانن، باهين ۽ خشڪ سالي سبب ٿيل نقصانن سبب فصلن، جانورن، ٻيلن ۽ ماهيگري جي نقصانن جو اندازو لڳايون ته ڪروڙين ماڻهو غربت لڪير جي کان هيٺ هليا ويا. لکين ماڻهو بک ۽ خراب پاڻي پيئڻ سبب بيمارين جو شڪار ٿيا ۽ هزارين ماڻهو اهڙن سببن جي ڪري مري ويا، جن جي ڳڻپ ماحولياتي تبديلين جي ڪري مرندڙن ۾ نٿي ٿئي. مون کي ياد آهي ته اسانجو هڪ پيارو دوست ڪورونا جي بيماريءَ جو شڪار ٿيو ۽ بيماري هوندي کيس دل جو دورو پيو، جنهن ۾ هُو بچي نه سگهيو. ڊاڪٽرن سندس موت جو سبب ڪورونا جي بيماري نه پر دل دورو لکيو. اهو ڪافي عرصي کانپوءِ خبر پئي ته ڪورونا جي بيماري جي ڪري دل ۽ دماغ جو دورو پئجي سگهي ٿو. ساڳيءَ طرح ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري مرندڙن جو سبب ڪو ٻيو ڄاڻايو ويندو آهي.

دنيا ۾ پهريون ڀيرو 2 ڊسمبر 2024ع تي موسمياتي تبديلين جو هڪ گڏيل ڪيس عالمي عدالت انصاف وٽ پيش ٿيو آهي، جنهن ڪيس جي پوئواري 100 کان وڌيڪ ملڪ ۽ عالمي سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمون پيون ڪن. هِي ڪيس بنيادي طرح پئسفڪ سمنڊ اندر ڪيريبين جي ننڍن ٻيٽن جي گڏيل قومن کي ڏنل درخواست جي نتيجي ۾ داخل ٿيو آهي. هن درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، پئسفڪ سمنڊ ۾ موجود جزيرا دنيا جي گرمي پد وڌڻ جي ڪري سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ ڪيترائي انساني نسل ۽ ٻي جيوت ختم ٿي ويندي ۽ اهي جزيرا اڪيلي سر ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، تنهن جي ڪري سندن ڪيس عالمي عدالت انصاف کي موڪليو وڃي ته جيئن هُو امير ملڪن طرفان سندن ٿيندڙ نسل ڪشيءَ کي روڪرائي سگهجي. سپريم ڪورٽ پاڪستان به 1994ع ۾ شهلا ضيا جي واپڊا تي ڪيل ڪيس جي نتيجي ۾ ‘صحتمند ماحول جو حق’ کي زندگيءَ جو بنيادي حق قرار ڏنو، جيڪو هاڻي آئين جي آرٽيڪل 9 جو لازمي حصو آهي.

هن وقت عالمي عدالت انصاف هڪڙو اهم سوال اٿاريو آهي ته سرمائيداري جي نيو لبرل نظريي ۾ ‘حق’ جي معنى ڇا آهي؟ ۽ اهو ڪيتري حد تائين ۽ ڪنهن کي فائدو رسائي ٿو؟ ڇا انفرادي طرح لامحدود منافعي يا سرمائي جي واڌ جو حق ‘صاف ماحول جي حق’ کان مٿانهون هوندو؟ جيڪڏهن دنيا جو گرمي پد 1.5 سينٽي گريڊ يا ان کان به بدتر ٿئي ٿو ته ڇا گڏيل قومن جهڙي عالمي اداري يا ملڪن کي ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ لاءِ ۽ دنيا جي تحفظ لاءِ آزاد واپار جي ۽ منافعي جي حق کي محدود ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي؟ عالمي عدالت انصاف جي انهيءَ سوال سرمائيداري ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين طرفان ٿيندڙ ماحولياتي تباهيءَ بابت سڀني کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته موسمي تبديلين جو ذميوار ڪير آهي. خاص طرح انهيءَ جي ڪري ته صاف ماحول جو حق هڪ بنيادي حق آهي، جڏهن منافعي ڪمائڻ جو حق ‘بنيادي حق’ نه آهي پر ڇا عالمي عدالت انصاف سڄي سرمائيداري نظام کي ڏوهاري قرار ڏيندي يا صرف فردن ۽ ملڪن جو تعين ڪندي. هن وقت عالمي عدالت ۾ فلسطين وارا غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب ماحولياتي تباهي تي ڪيريبين جزيرن واري ڪيس ۾ ڌر ٿيا آهن ۽ هنن پنهنجو ڪيس به پيش ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح اوڀر تيمور به پنهنجي ماحولياتي تباهي جو ذميوار کين غلام بڻائيندڙ ملڪن نيدر لينڊ ۽ انڊونيشيا کي ڏوهي قرار ڏئي کانئن معاوضي جي درخواست ساڳئي ڪيس ۾ شامل ڪرائي آهي. تنهن جي ڪري هن ڪيس جو دائرو موسمياتي تبديلين سان گڏوگڏ جنگين ۽ نوآبادڪاري نظام تائين وڌي ويو آهي. اهڙي صورت ۾ ڇا قانوني طرح آمريڪي سنڌين جي تنظيم سانا يا اهڙي ڪا ٻي سنڌين جي عالمي تنظيم، پنجاب ۽ وفاق طرفان سنڌ جو پاڻي چورائي کيس تباهه ڪرڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ درخواست ساڳئي ڪيس جو حصو بڻائي سگهي ٿي؟ ڇا سنڌ جا وڪيل يا سياسي ڌريون آئين جي آرٽيڪل جي شق 9 هيٺ ‘صحتمند ماحول جو حق’ وارو فيصلو سنڌ ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تباهيءَ تي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ڪئنالن خلاف اسٽي وٺي سگهن ٿيون؟ اهو فيصلو وڪيل، ماهر ۽ سنڌ جون سياسي تنظيمون ڪري سگهن ٿيون.

هن وقت ته انساني لالچ ۽ وڌيڪ منافعي ڪمائڻ جي ڪوشش ۾ سرمائيداري نظام ۽ حڪمرانن سڄي دنيا جي ماحول کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، موسمن جي تبديليءَ جي ڪري هر سال لکين انسان سڌي يا اڻسڌي طرح مرن پيا. پاڪستان به موسمي تبديلين جو شڪار آهي، پر ساڳئي وقت اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران پنهنجي خصيص مفادن، ذاتي لالچ ۽ ڪرپشن جي لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. ماحولياتي تبديليون صرف گرمي جي وڌندڙ گرمي پد جي ڪري نه آهي، پر قومن جو پاڻي بند ڪري به کين تباهه ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اڄ پنجاب ۽ وفاق پڇڙيءَ واري صوبي سنڌ جو پاڻي حق کائي وڃي ٿو ته پوءِ 1960ع ۾ ٿيل ‘انڊس واٽر ٽريٽي’ ۾ هندستان کان ايندڙ پاڻي تي پڇڙي واري ملڪ جي حيثيت سان پنهنجو حق ڪهڙي بنياد تي گُهرندو؟