ماتلي(ن پ ا) سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف سٽي پريس ڪلب ماتلي جي صحافين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ استادن، اديبن ۽ شاعرن ڀرپور شرڪت ڪري احتجاج ڪيو، صحافين، سنڌي ادبي سنگت، پ ٽ الف جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظمين جي اڳواڻن نياز خاصخيلي، عبدالرزاق پنهور، اشرف چانڊيو، اعجاز نظاماڻي، مسافر هاليپوٽو، اسلم مهندو، يعقوب نهڙيو، مير شاهد ٽالپر، ڪيلاش مڪواڻا، ڊاڪٽر ربڏنو چانگ، ايڊوڪيٽ زاهد حسين چڍڙ، شيراز زنگيجو ۽ راجا سوٽهڙ شرڪت ڪئي، ڦلڪارا چوڪ کان ريلي ڪڍي بس اسٽاپ چوڪ تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي سخت  نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو ۾ پاڻي جي پهريان کان ئي کوٽ آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه پهچڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، وري مٿان وفاق زبردستي 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائڻ چاهي ٿو، جيڪا سنڌ جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج آهي، پر وفاق پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، سنڌ جي احتجاجن جو نوٽيس نه پيو ورتو وڃي، جيڪڏهن وفاق جو اهڙيو رويو رهيو ته سنڌي ماڻهو ڪا ٻي واٽ وٺڻ تي مجبور ٿي پوندا، ان ڪري جيڪڏهن وفاق پاڻ کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو ته ڪئنالن جو فيصلو هڪدم واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ هاڻي احتجاجن جو رخ پنجاب جا رستا بند ڪرڻ طرف هوندو.