ماتلي(ن پ ا) ماتلي جي ڊاڪٽرن تي مبينا تشدد ۽ وڊيو ڀري ڪردار ڪشي ڪرڻ خلاف پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن ماتلي جي اڳواڻن ڊاڪٽر مشتاق نظاماڻي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ شيخ، ڊاڪٽر لياقت قمبراڻي، ڊاڪٽر موهن لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي ماتلي جي  ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سوشل ورڪر ۽ صحافت جهڙي مقدس پيشي جو لباس پائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي گهڙي اچي وڊيو ڀري سندن عزت نفس کي مجروع ڪن ٿا، تازو ئي گذريل ڏينهن ڊاڪٽر موهن لال جي اسپتال ۾ هڪ سوشل ورڪر سڏائيندڙ شخص اندر گهڙي ڊاڪٽر جي وڊيو ڀري داٻا ۽ دڙڪا ڏئي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي ۽ ان کان اڳ تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽر خان گل تي حملو ڪري کيس رتو رت ڪيو ويو هو، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽر معاشري جا سٺا فرد آهن، سندن مٿان حملو ڪرڻ يا وڊيو ٺاهي اپلوڊ ڪرڻ کي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.