ماتلي(ن پ ا) ماتلي شھر جي مصري شاهه ڪالوني ۾گھر مان پيرسن عورت فرزانه زال رازق ڏنو مڱڻھار جو 7 ڏينھن پراڻو لاش ھٿ ڪيو ويو، اھڙو اطلاع ماتلي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس ايڌي رضاڪارن جي مدد سان فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ماتلي آندو، جتان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻئي طرف پيرسن عورت فرزانه جي مڙس رازق ڏني مڱڻھار جو چوڻ ھو ته سندس زال ھڪ ھفتو اڳ ڪم سانگي چئي نڪتي ھئي، جنھن جو اڄ لاش مليو آھي، ھن چيو ته اڳ به ھو ھفتو ھفتو ويندي آھي ۽ ڪڏھن اھڙو ڪو معاملو نه ٿيو آھي، ٻئي طرف ماتلي پوليس جو چوڻ آھي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي اصل ڪارڻ جي خبر پئجي سگھي ٿي، پوليس معاملي جي جانچ ڪري رھي آھي.