ماتلي(ن پ ا) ماتلي جي ڪولھي ڪوٽ جي نوجوان گھرو اڻبت سبب زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، نوجوان بجو پٽ اشوڪ ڪولھي گھر جي ڇت جي پکي ۾ رسو ٻڌي ڳچي ۾ وجھي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي، جنھن لاش وارثن جي اطلاع تي ماتلي پوليس ايڌي رضاڪارن جي مدد سان تعلقه اسپتال ماتلي آندو ويو، واقعو گھرو اڻبت ٻڌايو پيو وڃي، نوجوان شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ ھو، اھي به چئوٻول آھن ته نوجوان زال کان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آھي.