ماتلي (ن پ ا) ماتلي ويجھو ڳوٺ سونھارو خاصخيلي ۾ مبينا ذيادتي جو نشانو بڻيل ناري زويا خاصخيلي پنھنجي ماءُ پيءَ ۽ ڀيڻين  سان گڏ ماتلي پريس ڪلب پھچي دانھيو آھي ته ھوءَ پنھنجي ڀيڻ سان گڏ ڳوٺ ويجھو واٽر تي ڪپڙا ڌوئي رھي ھئي  ته پرويز خاصخيلي ۽ ان جي ڀاءَ عظيم مونسان زبردستي جنسي ذيادتي ڪئي آھي، جنھن جي رپورٽ ماتلي ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي آھي ۽ پوليس جي ليٽر تحت تعلقه اسپتال ماتلي مان ميڊيڪل به ڪرايو آھي ان جي باوجود ماتلي پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا آھن ھن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين مطالبو ڪيو ته ساڻس ذيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري ھن سان انصاف ڪيو وڃي.