ماتلي ( ن پ ا ) ماتلي جي قلم ڌڻين جو صحافي اشرف چانڊيو جي آزادي لاءِ ڦلڪارا چوڪ کان ريلي ڪڍي سٽي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي صحافين نياز خاصخيلي، عبدالرزاق، ستار عمراڻي، عمر ارباب، نصير سولنگي، اعجاز نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته صحافي اشرف چانڊيو مٿان ماتلي پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن، جنھن عمل جي اسان مذمت ڪريون ٿا ھنن چيو اسان ماتلي جا صحافي ھڪ ھفتي کان روڊن تي آھيون ۽ ماتلي پوليس صحافين کي هراسا ڪري حق سچ جو آواز دٻائڻ چاھي ٿي صحافي اشرف چانڊيو ڪئنال خلاف پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ اشرف چانڊيو جي گرفتاري ان جو تسلسل آھي. صحافين آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد گھر ڪئي ته صحافي اشرف چانڊيو مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ۽ ملوث ماتلي پوليس عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.