ماتلي ۾ زال مڙس زهر پي ڇڏيو، پوليس جاچ شروع

0
68
سکر : پوليس اهلڪار تي ڌاڙيلن سان مليل هجڻ جو الزام، ايف آءِ آر داخل
سکر : پوليس اهلڪار تي ڌاڙيلن سان مليل هجڻ جو الزام، ايف آءِ آر داخل

ماتلي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان زال مڙس مبينا طور زهر پي ڇڏيو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ڳوٺ مجنون کوسو ۾ عورت پارشا ڪولهي ۽ سندس مڙس رتنون ڪولهي گهرو اڻبڻت تان دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي

 وارثن ٻنهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ماتلي پهچايو جتي کين طبي امداد ڏئي سندن زندگيون بچايون ويون

پوليس موجب وارثن ٻڌايو آهي ته زال مڙس گهرو معاملي تان انتهائي قدم کنيو، مامري جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي