ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ اديب ۽ ليکڪ رمضان دلدار کي قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالجبار جت ۽ غلام مجتبي جت تي رمضان دلدار چڍڙ جي پٽ جي فرياد تي ماتلي ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڊي ايس پي ماتلي ۽ ايس ايچ او ماتلي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين ۾ چار مھينن کان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو ۽ رمضان دلدار چڍڙ جي پٽ جت برادري جي ڇوڪري سان پرڻو ڪيو ھو جنھن تان ٻنھي ڌرين ۾ تڪرار ٿيو معاملو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنھي جوابدارن ھڪ منصوبي تحت رمضان دلدار چڍڙ شھر جي وچ ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو پر ماتلي پوليس بروقت ڪاروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ سڄي معاملي جاچ ڪري جنھن کانپوءِ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڊي ايس پي ماتلي اعجاز بھڻ ۽ ايس ايڇ او ماتلي رمضان دلدار چڍڙ جي قتل کي ماتلي جو وڏو سانحو قرار ڏيندي چيو ته رمضان دلدار چڍڙ ھڪ اديب ۽ ليکڪ سان گڏ ماتلي جو وڏو سرمايو ھو.