ماتلي (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت ماتلي شاخ پاران سنڌ ڌرتي جي بھترين قلمڪار، ڪھاڻيڪار ، محقق ، تخليقڪار شاعر مير مرڪ واڍو، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ، خاڪي جاني ۽ رمضان دلدار سان سندن مڃتا لاءِ سرھي شام ملھائي وئي. سرھي شام جو خاص مھمان پروفيسر طفيل احمد چانڊيو ۽ صدارت پروفيسر زيب نظاماڻي ڪئي . ماتلي بوائز ھاءِ اسڪول جي آڊيٽوريم ھال ۾ ٿيندڙ انھي پروگروم ۾ بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن سميت مختلف علائقن مان ڪھي آيل وڏي انگ ۾ قلمڪارن شرڪت ڪئي . سرھي شام کي خطاب ڪندي پروفيسر طفيل چانڊيو، زيب نظاماڻي، نورل واڍو، سڪندر شاھ،  مسافر ھاليپوٽو، غلام قادر منتظر، جمن احمداڻي، اعظم ڀٽي، نثار ناز، شعيب شاد ۽ ٻين مير مرڪ، مقبول ميمڻ، رمضان دلدار ۽ خاڪي جاني کي گھڻ رخي شخصيت قرار ڏيندي کين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ھنن چيو ته جن شخصيتن سان اڄ شام ملھائي پيئي وڃي اھي معمولي نه پر سنڌ جا وڏا نالا آھن، جن تي سنڌ فخر ڪري ٿي . پروگرام ۾ کين شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.