ماتلي (ن پ ا) ماتلي سٽي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اشرف چانڊيو کي ڪئنالن خلاف متحرڪ رھڻ ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ تي پوليس ونگار وھندي سندس مٿان چرس انڊين سفينه ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جا ٽي ڪيس داخل، رات 2 وڳي 8 ٿاڻن جي پوليس ماتلي شھر جي چانڊيا پاڙي ۾ ڪاهه ڪري بغير ليڊيز پوليس جي سٽي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ۽ نجي ٽي وي جي رپورٽر اشرف چانڊيو جي گھر ۾ داخل ٿي چوديواري ۽ چادر جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪندي اشرف چانڊيو ۽ سندس ننڍي ڀاءَ سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، ان حوالي سان اشرف جي امڙ سندس پيرسن پي حسين بخش چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ اسلم ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ماتلي پوليس انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، اشرف ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ھن شرڪت ڪئي جنھن تي پوليس مڇرجي ونگار وھندي کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو آھي، صحافي اشرف جي وارثن وڪيل برادري انساني حقن جي تنظيمن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جاچ ڪري ھنن سان انصاف ڪري داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، پوليس اشرف چانڊيو سندس ڀاءُ امتياز ٻن سئوٽن بشير ۽ سجاد چانڊيو تي چرس انڊين سفينه ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جا ڪيس داخل ڪيا آھن، جڏھن ته صحافي اشرف چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ڪيس سنڌ محبت جي ڏوهه ۾ اھڙا ھزارين ڪيس داخل ٿيا اکين تي ڪئنال منصوبي خلاف جھدوجھد ڪرڻ ماتلي پوليس سياسي ونگار وھي پئي.