ماتلي (ن پ ا)  ماتلي ۾ سبزي ۽ فروٽ کپائيندڙ پورهيتن سان ناانصافين خلاف قومي عوامي تحريڪ، شيعان حيدر ڪرار جي ڪارڪنن ۽ ريڙھا  ھلائيندڙ  پورهيتن وڏي انگ پاران ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا خلاف الله واري چوڪ تي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو. ڪيلاش مڪواڻا، نظير قمبراڻي، غلام محمد چانڊيو، اسلم ڀٽ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سبزي ۽ فروٽ کپائيندڙ ريڙھي وارا ميونسپل ڪميٽي ۽ مارڪيٽ ڪميٽي کي ٽيڪس ادا ڪن ٿا پر کين ميونسپل ڪميٽي  وارا مسلسل تنگ ڪري رهيا آهن ڪڏهن سندن گاڏا ڪلٽي ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري سندن سائمي ۽ تورا کڻي سندن مٿان ڏنڊ هنيا وڃن ٿا، اڳواڻن ڊي سي بدين ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سبزي ۽ فروٽ کپائيندڙ گاڏي وارن پورهيتن سان انصاف ڪري کين شهر اندر روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي.