بدين/ماتلي (نمائندن وٽان) ماتلي ويجهو ڳوٺ ڪرم الله نظاماڻي ۾ پلال کي لڳل پراسرار باهه جا شعلا ماڇي برادري جي گهرن کي وڪوڙي ويا، جنهن سبب پورهيتن جا 12 ڪکاوان گهر سڙي خاڪ جو ڍير بڻجي ويا، باهه جي شعلن جي لپيٽ ۾ آيل 80 ورهين جو پيرسن حسين ماڇي ڪکائين جهوپڙي مان نه نڪري سگهڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو، باهه سبب محمود ماڇي، خان ماڇي، حبيب ماڇي سميت 12 پورهيتن جا گهر مڪمل طور سڙي ويا، گهرن ۾ رکيل اناج، کٽون، بسترا، ڪپڙا، روڪ رقم ۽ نياڻين جو ڏاج پڻ سڙي ويو، ان سان گڏ گهرن جي اڱڻ ۾ بيٺل 4 ٻڪريون ۽ 2 مينهون پڻ سڙي مري ويون، اطلاع تي ماتلي سميت مختلف شهرن مان فائر برگيڊ گاڏين پھچي باهه تي ضابطو آندو، اهڙي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ فوتي پيرسن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ڳوٺاڻا هن سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن، متاثرين ضلعي حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کي واهر جي اپيل ڪئي آهي.