ماتلي (ن پ ا) ماتلي لڳ يونين ڪائونسل ملهڻ جي ڳوٺ وائي ملاح ۾ بجلي جي تارن مان باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺ وائي ملاح ۾ لڳل باهه جي نتيجي ۾  لهڻو ملاح، رمضان ملاح، صديق ملاح ۽ غلام مصطفيٰ ملاح جا گهر ۽ گهرن ۾ پيل بسترا، کٽون، روڪ رقم سميت سمورا سامان سڙي رک ٿي ويو، اطلاع تي دمبالو جي فائر برگيڊ عملي ڳوٺ ۾ پهچي باهه تي ضابطو آڻي ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، جڏهن ته سڙي ويل گهرن جا ڀاتي سخت سي ۾ بي يارومددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.