ماتلي (رپورٽ: نياز خاصخيلي) ماتلي ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ امبر خاصخيلي پرسرار نموني فوت ٿي وئي، جڏهن ته وارثن پاران مڙس تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو، 2 مھينا اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل امبر خاصخيلي جو شھر جي غريب آباد پاڙي مان سندس مڙس عاشق عباسي جي گھر مان لاش مليو، اطلاع تي وارث پهچي لاش گھر کڻائي ويا، جڏهن ته وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ويا ته پوليس معاملي کان لنوائيندي چيو ته ناري جو ڪيس ماتلي ٿاڻي داخل نه ٿيندو، ناري امبر جي امڙ ۽ سندس چاچي ڏاڏا خاصخيلي چيو ته پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، امبر تي تشدد ٿيل آھي، ھنن چيو ته امبر کي سندس مڙس عاشق عباسي اغوا ڪري ويو ھو ۽ ان ئي قتل ڪيو آھي، هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان انصاف جي گھر ڪئي .

ٻه مھينا اڳ امبر ۽ عاشق عباسي بدين جي عدالت ۾ شادي ڪئي هئي

ماتلي: ڪنڀار پاڙي مان مبينا اغوا ڄاڻايل امبر خاصخيلي ٻه مھينا اڳ بدين جي عدالت ۾ عاشق عباسي سان پيار جو پرڻو ڪيو، سندس مڙس عاشق عباسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته امبر سان مون ٻه مھينا اڳ نڪاح ڪيو ھو، امبر تي سندس پيءُ تشدد ڪندو ھو ۽ اڳوڻو مڙس به تشدد ڪندو ھو، ڪراچي جي ڦٽ ڦاٿ تي سمھندي ھئي، شادي کانپوءِ خوش ھئي، کيس جگر جو مسئلو ھو ۽ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج ڪرايو پر ھوءَ فوت ٿي وئي، عاشق عباسي ج امڙ جو چوڻ ھو ته امبر جو موت طبي ٿيو آھي ۽ سندس وارث ڌمڪيون پيا ڏين ۽ منھنجي پٽ سميت ڪنھن کي ڪو نقصان ٿيو ته ان جا زميوار امبر جا مائٽ ھوندا، ھنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان تحفظ جو مطالبو ڪيو.

 

ناري امبر جو ڪيس داخل نه ٿيو  نه پوسٽ مارٽم، موت ڳجھارت بڻجي ويو

ماتلي: ناري امبر جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو،  جڏهن ته پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ڪري موت ڳجھارت بڻجي ويو، سڄاڻ حلقن ڳڻتي ظاھر ڪندي اختيارين کان گھر ڪئي ته معاملي اڻڌري جاچ ڪرائي وئي.

امبر جي ڪجھه سال اڳ مشتاق خاصخيلي سان شادي ٿي هئي، طلاق بعد مائٽن وٽ رهندي هئي

ماتلي: ناري امبر جي شادي ڪجھه سال اڳ مشتاق خاصخيلي سان ٿي هئي جنھن مان کيس ٻن ٻارڙن جو اولاد ھو، مشتاق خاصخيلي پاران طلاق ڏيڻ بعد ناري امبر پنھنجي مائٽن سان گڏ رھندي ھئي ۽ ٻه مھينا اڳ مبيبا طور اغوا ٿي وئي هئي.