حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماتلي واسي نامور ڍولڪ نواز مٺو مڱڻھار جو پٽ کي نوڪري نه ملڻ، مھانگائي ۽ ڪرپشن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو دھل وڄائي مھانگائي خلاف گيت ڳائي انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز مٺو مڱڻهار چيو ته انٽر پاس پٽ غلام حيدر منڱڻھار کي نوڪري نٿي ملي. ھو شھيد ڀٽو ۽ شھيد راڻي جو جيالو ھو پر پ پ جي حڪومت ۾ پٽ کي ھڪ نوڪري نه ملي. پٽ جي نوڪري لاءِ ماتلي کان ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين پنڌ ڪيا پر ٺلھن آسرن کانسواءِ ڪجهه نه مليو. پٽ ٻن نياڻين جو پيءُ آھي جيڪو 300 رپيا ڏھاڙي تي مزدوري ڪري گھر جو گاڏو ھلائي ٿو. ھن چيو ته اھڙي جمھوريت ۽ اليڪشن ڪھڙي ڪم جي جنھن ۾ غريب ماڻھو کي اٽو، لٽو نه ملي. ھن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ کي نوڪري ڏئي اسان کي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.