ماتلي(ن پ ا) ماتلي شھر مان 15 ورھين جي ناري  شھنيلا ڌي رتن ميگھواڙ مبينا اغوا وارثن پاران نياڻي جي اغوا جو ڪيس ماتلي ٿاڻي تي ٻن ڄاتل ۽ ٻه اڻسڄاتل  جوابدارن خلاف داخل تفصيل موجب ماتلي شھر جي نوتڪاڻي چوڪ ڀرسان پنھنجي چاچي جي گھر رھندڙ ناري شھنيلا ڌي رتن مھاراج  مبينا اغوا ٿي ويئي  جنھن جو ڪيس ماتلي ٿاڻي تي سندس چاچي جي فرياد تي چئن  جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ ناري جي چاچي مجنو موقف اختيار ڪيو آھي ته ٻه ڏينھن پھرين  فجر جي وقت ٻه ھٿياربندن مقصود درس ۽ سندس ڀاء منظور درس منھنجي گھر اندر داخل ٿي ھٿيارن جي زور ٿي سندس ڀائيٽي شھنيلا کي اغوا ڪري ٻاھر کڻي جتي ٻه نامعلوم ماڻھو بيٺل ھئا جن کيس سفيد رنگ جي ڪار ۾ زوري وييھاري کڻي ويا آھن ۽ ناري جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان شھنيلا کي اغوا ڪندڙ جي مائٽن سان به مليا آھيون پر اسان کي ڇوڪري واپس نٿا ڪن ھن جو چوڻ آھي ته شھنيلا جي عمر 15 سال آھي کيس اغوا ڪيو ويو آھي وارثن آئي جي سنڌ ڊي آئي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آھي ته سندن نياڻي کي بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ٻئي طرف ماتلي پوليس پاران ناري جي بازيابي لاء  ڪوشش ۾ رڌل آھي جڏھن ته ھنڌو پنجائت ماتلي ۽ راڄوخاناڻي ناري جي اغوا واري معاملي تي اڳواڻن ڊاڪٽر ونود جو چوڻ آھي ته شھنيلا کي اغوا ڪندڙ جوابدار جلد گرفتار ڪري ۽ ناري کي بازياب ڪرايو وڃي بدين ضلعي وڌندڙ بدامني سبب امن خراب ٿي رھيو آھي ۽ ناري جي اغوا واري معاملي تي ھنڌو پنجائت خاموش ڪونه ويھندي جيڪڏھن پوليس ناري کي بازياب نه ڪرايو ته اسان ھنڌو پنجائت مجبور ٿي اجتجاج جو رستو اختيار ڪنداسين .