ماتلي (ن پ ا)تعلقي ماتلي جي ڦلڪارا ٿاڻي جي حد ڳوٺ رتنو ڪولھي ۾ 20 ورھين جي نوجوان ھندو گونگي ناري گنوري ڪولھي کي نوجوان طرفان مبينا طور تي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي . زيادتي جو نشانو بڻيل گنوري کي سندس ماءَ پيءُ ساڻ وٺي انصاف لاءِ سٽي پريس ڪلب پھچي ويا جتي ھنن صحافين آڏو دانھيندي چيو ته ساڌو نالي نوجوان رات جو دير سان گھر ۾ داخل ٿي گونگي ڌيءَ سان زبردستي جنسي ڏاڍائي ڪئي، نينگري جي رڙين تي گھر ڀاتي جاڳي پيا جن جوابدار کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو ڀڄي ويو . ھنن چيو ته اھڙو فرياد داخل ڪرايو ويو آهي پر پوليس اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آهي ھنن جوابدار جي گرفتاري جي گھر ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو.ناري گنوري سان مبينا طور تي ٿيل زيادتي واري معاملي تي ڊي ايس پي ماتلي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ھي معاملو ڏھ ڏينھن اڳ جو آھي ۽ فريادي اسان وٽ ناھن آيا ٻئي ڳالھ گونگي ناري گئنوري جا وارث راڄوڻي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل ھئا اڄ ھنن احتجاج ڪيو آھي ۽ ان جو اسان نوٽيس به ورتو آھي فريادي نه ڦلڪارا ٿاڻي تي آيا آھن ۽ نه اسان وٽ پھتا آھن ان جي باوجود اسان سڀاڻي ناري جو ميڊيڪل ڪرائي ۽ زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪنداسين ھن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏھ ڏينھن دوران فريادين مان ڪنھن به پوليس سان رابطو نه ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ پوليس تي غلط الزام لڳائي رھيا آھن ته ھنن ڦلڪارا ٿاڻي رپورٽ داخل ڪرائي آھي جڏھن ته اھڙي ڪابه رپورٽ داخل نه ٿي آھي