ماتلي(ن پ ا) ماتلي تعلقي يوسي ڦلڪارا جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي حيسڪو جي پرائيويٽ عملي رشوت نه ملڻ تي لنڪون لاھي ڇڏيون، ڳوٺاڻڻ ڦلڪارا شيخ ڀرڪيو روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو، ان موقعي ڳوٺاڻن نظير سھتو عطا محمد ڪورائي سرواڻ مزاري، مھراڻ خان مزاري ۽ مشاھد مزاري ميڊيا سا ڳالھائيندي چيو ته ڳوٺ طالب سھتو ڳوٺ حاجي خالقڏنو سھتو حاجي ڪالو سھتو ڏاڏا خان مزاري سميت ڏھ، مٿي ڳوٺن جي گذريل ڇهه مھينن واپڊا پاران بنا جواز بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي ٿي وڃي ۽ واپڊا طرفان ڦلڪارا شھر ۾ مقرر ڪيل پرائيويٽ عملي ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ رشوت نه ملڻ جي ڪري لنڪون لاھي سخت گرمي ۾ ڳوٺاڻن کي پريشان ڪيو ٿو وڃي، ڳوٺاڻن حيسڪو اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڦلڪرا شھر ۾ مقرر پرائيويٽ ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ۽ ھٿرادو ڪيل بجلي بندش نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن جو جائيز مطالبو پورو ڪن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائيرو وڌايو ويندو.