ماتلي(رپورٽ: نياز خاصخيلي) ماتلي تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽر وڙهي پيا، 2 زخمي، او پي ڊي جو بائيڪاٽ، ڌرڻو، خبر موجب ماتلي جي تعلقه اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل رٽائرڊ ڊاڪٽر قاسم کوسو ڊيوٽي ڊاڪٽر جي غير موجودگي ڏسي صحت کاتي جي اختيارين کي شڪايت ڪئي، جنهن بعد ڊيوٽي ڊاڪٽر گل خان پٺاڻ اسپتال ۾ پهچڻ شرط ٻنهي ڊاڪٽرن وچم اختلاف پيدا ٿي ويا ۽ هلڪي ڦلڪي منهن ماري پڻ ٿي، جنهن دوران ٻئي ڊاڪٽر هڪٻئي کي معيارون ڏيندي وڙهي پيا، جنهن ۾ ڊاڪٽر خان گل پٺاڻ ۽ رٽائرڊ ڊاڪٽر قاسم کوسو زخمي ٿي پيا، جن ٿاڻي تي پهچي هڪٻئي خلاف اين سي داخل ڪرايون، جڏهن ته اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي پاران تالا بندي ۽ او پي ڊي جي بائيڪاٽ کانپوءِ معامرو وڌي شدت اختيار ڪري ويو ۽ پوليس ڊاڪٽر گل خان پٺاڻ جي فرياد تي ڊاڪٽر قاسم کوسو، سندس پٽ ۽ ڀائيٽي خلاف حملي، تشدد ۽ ڊيوٽي ۾ خلل وجهڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، اهڙي طلاع تي کوسا برادري جا ماڻهو به روڊن تي نڪري آيا، جن ظهير کوسو، علي حسن کوسو ۽ محمد بچل کوسي جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر گل خان پٺاڻ خلاف احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي مطالبو ڪيو ته اسان جي همراهه کي به ڌڪ لڳا آهن، پهرين اين سي به اسان جي داخل آهي انڪري اسان جي به ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، اهڙي صورتحال بعد اسپتال عملي ۽ ڊاڪٽرن به ڊاڪٽر لياقت قمبراڻي، ڊاڪٽر مختيار ۽ ڊاڪٽر خان گل جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسپتال جي تالا بندي ڪري احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن چيو ته گذريل رات ڊيوٽي دوران ڊاڪٽر خان گل تي ڊاڪٽر قاسم کوسي ۽ سندس پٽ ۽ ڀائيٽي حملو ڪري کيس رتو رت ڪري زخمي ڪيو، جوابدارن جي گرفتاري تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر قاسم کوسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته آئون بيماري سبب علاج ڪرائڻ لاءِ پٽ ۽ ڀائيٽي سان گڏجي اسپتال پهتس ته ڊيوٽي ڊاڪٽر خان گل پنهنجي سيٽ تي موجود نه هو، ان ڪري مون اهڙي شڪايت صحت کاتي جي اختيارين کي ڏني، جنهن تان ڊاڪٽر گل خان مڇرجي مون مٿان حملو ڪري زخمي ڪري وڌو، ٻئي طرف پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ماتلي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽر گل خان پٺاڻ چيو ته رات ڪجھه ھٿيار بند اسپتال آيا ۽ مون کي مارڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مون تي سخت تشدد ڪيو، ھن چيو ته مونتي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، اهڙي واقعي جي اين سي ماتلي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي، ٻن ڊاڪٽرن جي وچ ۾ ٿيل جهيڙي ۽ ڇڪتاڻ سبب علاج لاءِ پهتل سوين مريض سخت پريشان ٿي واپس موٽي ويا.