ماتلي (ن پ ا) ماتلي تعلقي اسپتال ۾ علاج جون سھولتون نه ھئڻ خلاف آيل مريضن اسپتال جي او پي ڊي جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مريضن علي مخدوم ۽ ٻين دانيهندي چيو ته اسپتال جي او پي ڊي ۾ ھڪ ڊاڪٽر ويٺل آھي، جيڪو مريضن کي ڏسڻ لاءِ به تيار نه آھي، هنن چيو ته اسپتال ۾ ايڪسري جي سهولت ناهي، جنهن سبب علاج لاءِ دربدر آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.