مائڪرو فنانس بينڪون يا ماڻهن جو رت چوسيندڙ ڄونئرون

0
21
مائڪرو فنانس بينڪون يا ماڻهن جو رت چوسيندڙ ڄونئرون

شروع کان ئي سماج ۾ استحصالي ٽولو اياڻن ۽ اٻوجھه ماڻهن کي لُٽڻ جا مختلف طريقا ايجاد ڪندو پئي آيو آهي. زرعي دور کان هن ٽيڪنالاجي واري دور تائين مجبور بڻيل هيٺئين طبقي کي لالچائي مختلف قسمن جا خواب ڏيکاري شاطرماڻهن پنهنجون ٽِجوڙيون پئي ڀريون آهن. بدقسمتي سان اسان اهڙي خطي ۾ رهون ٿا جتي امير امير تر ۽ غريب غريب تر ٿيندو رهندو آهي. ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، هڪ ته اسان وٽ زندگي گذارڻ جو ڪومستقل پلان (لائحه عمل) نه آهي. سياسي، مذهبي، مَسلڪي، پيري مريدي ۽ گادي نشيني جي عقيدن هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي. هر مڪتبِ فڪر جي پنهنجي ڏيڍ سر جي مسجد، درگاھه، بارگاھه ،جهنڊي، مندر توڙي گرجا ٺهيل آهي، جتان حلال، حرام، ثواب ۽ گناھه جون فتوائون هرلمحي جاري ٿينديون رهن ٿيون. هتي صدين کان ايئن ٿيندو پئي آيو آهي.  اِيليٽ ڪلاس سياسي واڳ سندس هٿن ۾ هجڻ ڪري موقعي پرستي ۽ عياشين جي خول کان ٻاهر نٿي نڪري.  پيري مريدي ترقي پسند سوچ کي اُسرڻ نه ٿي ڏي، ڀوتارڪو ڪلچردهشت ۽ خوف جي علامت بڻجي غلامانا ذهنيت کي جنم پيو ڏئي.  واڌو ڪَسرون اوچتيون آفتون، طوفان، ٻوڏون، زلزلا، ۽ حادثا پوريون ڪن ٿا.جن ۾ مصيبت جي ماريل خلق جي دانھن ورنائڻ وارو ڪير به نه ٿو هجي، سڀ انهن کي ايئن بي يار و مددگار ڇڏي ڏين ٿا جيئن مطلب پورو ٿيڻ کانپوءِ ڪاڳر کي ڦاڙيو ويندو آهي. (ڪم نڪتو ڪاڳر ڦاٽو). استاد بخاري چواڻي،

مِٽيون مائٽيون آزمائي ڏٺيوسين،

سڳيون ڀائپيون آزمائي ڏٺيوسين،

مصيبت ۾ ڪو يار همدرد ڪونهي

پڪيون دوستيون آزمائي ڏٺيوسين..

اهڙي حال ۾ جڏهن ماڻهوءَ جي سکڻي ڪُنيءَ ۾ ڪَڻو به نه هجي، گهر ۾ ٻار فاقن تي ويٺا هجن،  ته ظاهر آهي مسڪين ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ خاطر ڪٿي ته هٿ پير هڻندو يا ڪٿي ته وڃي هٿ ٽنگيندو ۽ پوءِ اهڙن موقعن جي تلاش ۾ ته اُهي شڪاري ڄار وڇائي ويٺا هوندا آهن، ضرورتمندن کي(مختلف قسمن جون لالچون ڏيئي) پئسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ کان وٺي، لاٽرين ۽ انعامي اسڪيمن ۾ ڦُرڻ کان  وياج تي پئسا ڏيڻ تائين پنهنجي مُٺ ۾ اهڙو ڦاسائيندا آهن جو زندگي ڀر انهن جو قرض نه لهندو آهي. تعليمِ يافته ۽ نوڪري پيشا ماڻهو وري وياج خور بينڪن جي پنجوڙ ۾ وڃي ڦاسندا آهن، جيڪي وري ظلم ۽ استحصال ۾ سرڪاري بينڪن جا به پيءُ هوندا آهن.  ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسو ن ته اڄ کان ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ ۾ صرف چند اهڙيون بينڪون هونديون هيون جتي ڪاروباري ماڻهن يا سيٺين جا پئسا رکيل هوندا هئا. يا سرڪاري ملازم پنهنجون پگهارون اُتان کڻندا هئا. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پُرڪشش نالن سان مختلف خانگي بينڪن جا ڄار وڇائجي ويا. نه صرف انهن بينڪن جا مختلف شهرن ۾ برانچ کلڻ لڳا پر انهن اهڙو اسٽاف به مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو بينڪ جي تشهير ڪرڻ سان گڏ گراهڪ (ڪسٽمر) کي موٽيويٽ ڪري عُرف ورغلائي، ڌُتاري بينڪ جي ٿڌي عمارت ۾ آڻي مينيجر جي اڳيان ريوالونگ چيئر تي احترام سان ويهاري، چانھه پاڻي پياري اهڙي مِٺي  ڪاتي هلائڻ لڳا جو گراهڪ پنهنجو اهڙو شاندار(ڪوڙو) پروٽوڪول ڏسي خوشي خوشي پنهنجي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. ننڍي وڏي نوڪري ڪندڙ ماڻهو گهر ٺهرائڻ، ليز تي ننڍي گاڏي ڪڍرائڻ، ٻارن جي پڙهائي توڙي شادي غمي وغيره لاءِ اهڙين بينڪن وٽ وڃي ليلائن ٿا، بينڪ وارا وري اهڙا شاطر جو اهڙيون فارملٽيز ۽ قسم ناما اُن ايگريمينٽ فائل ۾ لڪائي رکن ٿا جنهن تي گراهڪ تڪڙ ۾ سائن ٿو ڪري ڇڏي مگرپڙهڻ جي زحمت نه ٿو ڪري(جي پڙهي ته هوند  Loan ئي نه وٺي)  ڇو ته هر ڪنهن کي تڪڙ ۾ پئسا گهربل هجن ٿا.

پڙهڻ جووقت ئي نه ٿو هجي. اهڙن بينڪن جي عملي جون ٺڳيون “لون ”منظور ٿيڻ سان ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون. جي ڪنهن کي ٽي لک گهربل هجن ٿا ته 50 هزار بينڪ عملي کي رشوت ۾ ڏيڻا پون ٿا. پهرين ايڊوانس قسط جا پئسا به انهن (منظور ٿيل لون جي) پئسن مان ڪاٽيا وڃن ٿا. ڪَٽي سٽي گراهڪ کي وڃي سوا ٻه لک ڏيئي روانو ڪيو وڃي ٿو. (يعني انڌي ڀونڊي ۾ خوش). بينڪ جي قرضيءَ لاءِ وري سخت ڏينهن هر مهيني جي قسط جمع ڪرائڻ سان شروع ٿين ٿا. مخصوص تاريخن ۾ جيڪڏهن قسط جمع نه ٿي ٿئي ته بينڪ پالسي موجب اُن مهيني جو وياج “پينلٽي” (ڏنڊ)جي صورت ۾ ڊبل لڳي ٿو وڃي. (اهڙي ايفيڊيوٽ تي لون وٺندڙ بي خبري ۾ پاڻ ئي سائن ڪيل هجي ٿو جيڪا ڳالھه شروع ۾ کيس نه ٿي ٻڌائي وڃي!!). نه صرف وياج ڊبل لڳي وڃي ٿو مگر بينڪ وارن جون تَڙيون، ڌمڪيون ۽ گاريون ته قسط ڇو جمع ناهي ٿي اُٽل ۾ ٻڌڻيون پون ٿيون. ڪڏهن ڪال ذريعي ته ڪڏهن ميسيجن ذريعي انهن جا فوڪل پرسن ڪسٽمر جي عزتِ نفس کي مجروح ڪندا رهندا آهن. بينڪ وارا جيڪي لون ڏيڻ مهل ته ڪسٽمر کي ريوالنگ چيئر تي ويهاري ٿڌو پاڻي ۽ چانھه Serve ڪري رهيا هوندا آهن اچانڪ سندن لهجو ۽ رويا تبديل ٿي ويندا اٿن. ايئن لڳندو آهي ڄڻ هڪ ڏينهن جا به واقف نه هجن.!! ڪافي اهڙا واقعا به رپورٽ ٿيندا رهن ٿا جو قسط نه ڏيندڙ کي بينڪ عملو پڪڙي آڻي بينڪ ۾ تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي..ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سرڪار کي اهڙن بينڪن کي عوام جي ڀلائي لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جو پابند بڻايو وڃي ۽ قسط شارٽ ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ڪسٽمر جي عزتِ نفس تي وار نه ڪرڻ جوبه پابند بڻايو وڃي.ٻي صورت ۾ انهن کي بند ڪري قومي بينڪ ۾ بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي سهولت مهيا ڪئي وڃي.